اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي، ڀارت ڪشمير ۾ انسانيت کان ڪريل حرڪتون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشمير کي پنهنجو حق ملڻ گهرجي، پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ انسانيت کان ڪريل حرڪتون ڪري رهيو آهي، ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ اهو چوڻ درست ناهي ته پاڪستان جو آواز دنيا تائين نٿو پهچي.