راحيل شريف ڪنهن عسڪري اتحاد جي قيادت نه پيو ڪري: سرتاج عزيز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪ فوج جو اڳوڻو سربراهه راحيل شريف ڪنهن عسڪري اتحاد جي قيادت نه پيو ڪري، سينيٽ چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس دوران پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سعودي اتحاد ۽ اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف جي مقرري بابت پاليسي بيان ڏيندي چيو ته پاڪ فوج جو اڳوڻو سربراهه اها ئي پاليسي اختيار ڪندو، جيڪا پاڪستان جي پارليامينٽ بڻائيندي، پرڏيهي صلاحڪار جو چوڻ هو ته اسان جي اطلاع مطابق اڃا تائين عسڪري اتحاد جي حوالي سان ڪا فوج ناهي جوڙي وئي، جڏهن ته اسلامي ملڪن جي فوجي اتحاد جي لاءِ ٽي او آرز تي مشاورت ڪندڙ دفاع وارن وزيرن جو اجلاس اڃا تائين ناهي ٿيو، ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته اڃا تائين سعودي اتحاد جا ٽي او آرز ناهن بڻيا ۽ اوهان اڳوڻي آرمي چيف کي اماڻي ڇڏيو ۽ اوهان ته انهن کي اتحاد جو سربراهه به مقرر ڪري ڇڏيو، سينيٽ چيئرمين سوال ڪيو ته جيڪڏهن ٽي او آرز پاڪستان جي مرضي جا نه بڻيا ته حڪومت ڇا ڪندي؟، جنهن تي سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته اڳوڻو آرمي چيف اها ئي پاليسي اختيار ڪندو، جيڪا پاڪستان جي پارليامينٽ بڻائيندي، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز آمريڪي سينيٽ جي وفد جي پاڪستان جي دوري بابت به سينيٽ کي ٻڌايو ته سينيٽر جان مڪين پاڪستان جي دوري ۾ وزيراعظم نواز شريف، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ مون سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته آمريڪي وفد سان گڏ ٿيل ملاقاتون مثبت رهيون، پرڏيهي صلاحڪار موجب اسان آمريڪي وفد کي ٻڌايو تب بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪري رهيا آهيون ۽ حقاني نيٽ ورڪ ۽ عسڪريت پسندن خلاف ڪارروائي تي اسان جي پاليسي واضح آهي، جڏهن ته اسان آمريڪي وفد کي افغانستان بابت پنهنجو نقطه نظر ڏنو ۽ ٻڌايو ته پاڪستان پرامن افغانستان چاهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *