شاهه محمود جهڙا ماڻهو درگاهن جو تيل چوري ڪري وڪرو ڪندا آهن: عابد شير علي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي اڳواڻ عابد شير علي چيو ته خان صاحب قوم، آئين ۽ جمهوريت جي فتح جو جشن ضرور ملهائيندي. شاهه محمود قريشي ٻڌائي ته ان کي ڪيترو نظرانو مليو ۽ ڪيتري ٽيڪس ادا ڪئي، جمهوريت تي حملو ڪندڙ ڪامياب نه ٿيندا اڱاري سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شاهه محمود قريشي کان پڇيو ته ڪيترو نظرانو مليو۽ٽيڪس ڪيتروادا ڪيو ، شاهه محمود قريشي نظرانون کائيندو آهي ۽اهي ماڻهون درٻارين جو تيل چوري ڪري وڪرو ڪندا آهن، هن چيو ته شاهه محمود قريشي ڊبل شاهه نه آهي پر ٽرپل شاهه آهي ۽ جعلي پير  آهي جيڪوماڻهن جورت چوسي رهيو آهي. هن چيو ته شِيخ رشيد کي چيلينج ڪيان ٿو ته جيڪڏهن هو مزدور آهي ته منهنجي پراپرٽي پنهنجي نالي ڪرائي ۽ پنهنجي منهنجي نالي ڪرائي پاڻهي خبر پئجي ويندي ته هي ڪيترو مزدور آهي. جيڪڏهن هو منهنجي چيلينج قبول نه ٿو ڪري ته ان کي نالي ۾ ٻڏي ۾ مرڻ گھرجي، عابد شير علي عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيوته عدالتون ڪنهن جي چوڻ تي فيصلو نه ڪنديون آهن اسانکي اميد آهي ته عدالتون اسان سان انصاف ڪنديون، ڇو ته عدالتن ۾ شاهديون ۽ قانون ڳالهائيندو آهي جڪو نوازشريف جي حق ۾ ڳالهايئندو، هن چيو ته شيخ رشيد ڪڏهن نوازشريف نه ٿو بڻجي سگھي. مملڪتي وزير چيوته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ چوڌري شجاعت پرائي شادي ۾ ڪراڙو ديوانو بڻجي  پهتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *