ڀارت کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ به هارائينداسين: اي بي ڊي وليئرز

بنگلور (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقا جي بيٽسمين ۽ وڪيٽ ڪيپر اي بي ڊي وليئرز چيو آهي ته ڀارت کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ به هارائينداسين. وليئرز چيو ته ڪيريئر جي 100هين ٽيسٽ ميچ کي يادگار بنائڻ لاءِ پرعزمآهيان، ان ميچ ۾ ڪوبه دٻاءُ نه هوندو، نارمل انداز ۾ ڪرڪيٽ کيڏنداسين. 31 سالن جي ڊي وليئرز ڇنڇر کان بنگلور ۾ ڀارت خلاف ڪيريئر جي 100هين ٽيسٽ کيڏندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هن وقت سيريز ۾ 0-1 تان برتري آهي، ان ڪري اسان جو سمورو ڌيان سيريز برابر ڪرڻ تي آهي، جڏهن ته پهرين ٽيسٽ ۾ بيٽنگ لائين ناڪام رهي. ٻي ٽيسٽ ۾ تياريءَ سان ميدان ۾ اينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *