جونيئرايشيا هاڪي ٽورناميٽ سڀاڻي کان ملائيشيا ۾ شروع ٿيندو

لاهور(اسپورٽس نيوز) جونيئرايشيا هاڪي ٽورناميٽ سڀاڻي کان ملائيشيا ۾ شروع ٿيندو.پهرين ڏينهن 4 ميچون کيڏيون وينديون، جنهن ۾ پاڪستان، پنهنجي راند جي شروعات بنگلاديشخلاف ميچ ۾ ڪندو.جونيئر ايشيا ڪپ ايندڙ سال ٿيندڙ جونيئر هاڪي ڪپ جو ڪواالفائنگ ٽورنامينٽ به آهي. جنهن ۾ ڪاميابي لاءِ پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ کيڏڻو پوندو.ٽورناميٽ ۾ شامل 8 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.گروپ “اي” ۾ پاڪستان، بنگلاديش، اومان ۽ ڪوريا شامل آهن.گروپ “بي” ۾ ڀارت، چين، جاپان ۽ ميزبان ٽيم ملائيشيا شامل آهن.پهرين ڏينهن  4 ميچون کيڏيون وينديون.پاڪستان لاءِ گروپ ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪرڻ ضروري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *