بلدياتي اليڪشن ۽ جمهوريت جي تڪميل: غلام مصطفيٰ جمالي

پنجاب جي ٻارهن ۽ سنڌ جي اٺ ضلعن ۾ ٿي ويل بلدياتي اليڪش کي جهموريت جي تڪميل جي طرف موٽائڻ جي سفر جي اگر شروعات چئجي ته ڪجهه غلط نه چئجو.جڏهن ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان اندر بدلدياتي اليڪشن جو پهرين مڪمل ٿي چڪو آهي.جتي لوڪل گورنيمينٽ عوام جي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ آفيسن اندر پهچي چڪي آهي ۽ عوام جي مسئلن تي غور ويچار ڪرڻ ۾ رڌل آهي.جڏهن ته ٻئي مرحلي جي بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا اڃان ڪيترائي ضلعا رهيل آهن. جن جي بلدياتي اليڪشن 19تاريخ تي ٿيڻي آهي.۽ اليڪشين ٿيڻ کانپوءِ ئي يقين سان چئجي سگهجي ٿو ته ملڪ اندر مڪمل جهموريت تي تڪميل ٿيندي يا نه.جڏهن ته بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي اندر سنڌ جي ٻين ضلعن کي ڇڏي ڪري صرف ٻن ضلعن کي اهڙو ته احساس قرار ڏنو آهي جنهن جي هر پولنگ اسٽيشن تي فوج مقرر نه ٿي ڪو وڏو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو.جڏهن ته اڃان اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ 5 ڏينهن باقي آهي جڏهن ته ڪالهه سانگهڙ ضلعي جي اليڪشن جي شروعات کان اڳ مارجڻ جا واقعا شروع ٿي ويا آهن جنهن ۾ ضلعي ڪائونسل جي سيٽ جي اميدوار جي اڪيلي پٽ کي ڳولين جو کاڄ بڻائي ڪري کيس بدردي سان قتل ڪيو ويو آهي.جنهن کان پوءِ سڄي ضلعي اندر افراتفري وارو ماحول ٿي ويو آهي.جڏهن ته حڪومت سانگهڙ ۽ بدين جي حساس پولنگ اسٽيشن تي ووٽنگ ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ جي حمتي فيصلي جو بيان اڄ ڏيندي.بدين اندر پڻ سياسي ماحول جي گرماگرمي تيز ٿي وئي آهي.

اڪيلو ڊاڪٽر ّذوالفقار مرزا سڄي بدين جي وايو منڊل کي تبديل ڪيو ٻيٺو آهي.جڏهن ته پوري بدين ضلعي اندر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي مقابلي ۾ آيل سياسي پارٽي ۾ صرف پ پ آهي جيڪا ڪنهن وقت مرزا جي ساڄي ٻانهن طور سڃاتي ويندي هئي.پر ڊاڪٽر ذوالفقار ۽ سندس ساٿي دوست آصف علي زرادي جي دوستي ختم ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا بدين اندر پنهنجي سياسي ماحول جي سرگرم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.جنهن اندر هو گهڻي ڀاڱي ڪامياب پڻ ويو آهي.جڏهن ته پ پ پاران اهڙو ڪو وڏو ليڊر ناهي جيڪو ڊاڪٽر جي مقابلي ۾ اچي سگهي.۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي جلسن مان ئي اندازو لڳائجي ٿو ته مرزا بدين اندر پنهنجو اميج پيدا ڪرڻ ۾ گهڻي ڀاڱي ڪامياب ويو آهي.پر انهي سان گڏ پ پ سان به ته هن وقت وڏا ڌڙا آهن جنهن ڪري بدين اندر بلدياتي اليڪشن هڪ تمام ڏکي ماحول مان گذرڻ جا امڪان آهن جنهن اندر ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.برحال ڳالهه جهموريت جي هئي انهي ڪري ڪيترن ئي دوستن جي ذهن ۾ اها ڳالهه هوندي به بلدياتي اليڪشن سان جهموريت جي ڪهڙو تعلق آهي ۽ جهموريت ان سان سواءِ ڪهڙي ريت ناممڪن آهي.

انهي ڪري جواب آهي ته جهموريت ٽن تهه تي مشتمل آهي.ان ۾ سڀ کان پهرين وفاق حڪومت هوندي آهي جيڪا پوري ملڪ جا فيصلا ڪرڻ جا اختيار رکندي آهي.جڏهن ته ٻئي تهه صوبائي حڪومت هوندي آهي جيڪا صوبن تي حڪمراني ڪندي آهي ۽ ٽئي تهه اهي بلدياتي ادارا آهن جيڪي لوڪل گورنمينٽ کي هلائيندا آهن.واضع رهي ته وفاق ۽ صوبائي حڪومتون صوبائي اسيمبلين جو ڪم ۽ قانون سازي ڪرڻ آهي.جڏهن ته ايم پي اي ۽ ايم اين اي سميمبلين ۾ ويهي ڪري مختلف معاملن تي غور ويڇار ڪندا آهن.جڏهن ته انهن معاملن جي بحث مباحثا پڻ ٿيندا آهن ۽ پوءِ اتفاقي راءِ وٺي ڪري ڪو فيصلو ڪيو ويندو آهي.جڏهن اهي معاملا اتفاق راءِ سان منظور ڪيا ويندا آهن ته بدلياتي حڪومت انهي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي .عوام جي مسئلن جي حل ڪرڻ انهن جي اهم ڪم هوندو آهي.جڏهن ته يونين ڪائونسلر تعلقه ڪائونسر ضلعي ڪائونسلر جي اها پهرين ڪوشش هوندي آهي ته هو عوام جي وچ ۾ ٿيڻ واري جهڙي فساد جي نگراني ڪن ۽ ٻنهي ڌرين جي سامهون ويهاري ڪري انهن جي مسئلن کي حل ڪن.انهي ڪري عوام ننڍن مسئلن جي ڪري عدالتن جي چڪرن کان چٽِي پون.انهي ڪري عوام سان گڏ عدالتن جو به ڪم اندر وقت جو زيان نه ٿئي.

بلدياتي ادارن جو هڪ اهو به فائدو آهي ته اهي عوام جي گلين جي مرمت،واٽر سپلاءِ جي خلابي.اسٽيت لائيٽز جو مرمت،جي ڪري ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي پويان ڊوڙڻو ڪون پوندو،اهين سڀ فائده آهن جيڪي بدلياتي اليڪشن کان پوءِ عوام جي مهيا ڪرڻ جو حق اهي اميدوار رکن ٿا جيڪي بدلياتي اليڪشن اندر کٽي ڪري اڳيان اچن ٿا.پر افسوس آهي جو اهي ڳالهيون سڀ چوڻ ۽ لکڻ تائين محدود آهي. مون ته انهي لاءِ لکيو جو اوهانکي ٿوري جمهوريت اندر بلدياتي اليڪيشن اميداوارن جي حيثيت ٻڌائي سگهان پر.اهو ضوري ناهي ته ملڪ اندر انهي جمهوريت اندر اهي بدلياتي اليڪشن جا اميدار به ڪم ڪن ڇو ته پاڪستان اندر ڪرپشن هڪ موذي مرض بنجي چڪو آهي.جنهن جو خاتمو ڏسڻ ۾ اچي ئي نه پيو اهين لڳي رهيو آهي ڄڻ ۽ بلدياتي اليڪشن عوام کي حقن لاءِ نه پر پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي.ڇو ته پاڻ هڪ نظر رڳو ملڪ تي وجهون ته سڄو ملڪ دهشتگردي جي وڙ ڇڙيو پيو آهي رڳو وزيستان ۾ نه پر اسان جي هر گلي گهر محلو دهشتگردن سان ڀريو پيو آهي.ڪو شهر اهڙو ناهي جٿان ڦر جهيڙو،مارڻ مارائڻ جون خبرون نه اينديون هجن.انهي ڪري وري به سوال ڇا بلدياتي اليڪيشن اندر چونڊجي آيل اميدار اهي مسئلا حل ڪري سگهندا. ماضي ۾ جنهن دور اندر به بلدياتي اليڪشن ڪم ڪندي رهي ۽ اها ڳالهه به سچ آهي هڪ افسوس سان چوڻي ٿي پوي ته جهموريت سڏائڻ واري جمهوريت خد بلدياتي الڪيشن جي راه ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ جو ڪارڻ بڻي آهي.هن وقت به جيڪي بلدياتي الڪيشن ٿيا آهن اهي سپريم ڪورٽ جي بار بار چوڻ تي ٿيا آهن .جڏهن ته جهموريت انهي بلدياتي اليڪشن جي حق ۾ هر گزر نه هئي.انهي ڪري پنهنجي نظر اندر هر جمهوري سياست اهڙي خيال جي نه هجڻ گهرجي.ڇو ته اگر جمهوري پارٽيون جهموريت کي پسند ڪندڙ آهن ته کين جهموريت جي خلاف ڪو به فيصلو نه ڪرڻ گهرجي.ڇو ٿه اگر جي اهين اليڪشين وقت تي ٿئي هان ته جهڙو حشر هن وقت بلدياتي اليڪشن اندر ٿي رهيو آهي اهڙو نه ٿئي ها.برحال اها هڪ جمهوري سوچ آهي ان کي ڇا ڪري سگهجي ٿو.پر ملڪ ۾ جيڪا اليڪشن ٿيڻ واري آهي انهي تي جمهوريت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.پارٽين جي اڳواڻڻ جي اعتماد ۾ وٺي ڪري جهيڙن جڳڙن کان پاڪ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ته ڪو قدم کڻڻ گهرجي يا ملڪ اندر جهموريت جي نالي تي پئي خون ريزي ٿي ۽ عوام پئي مري ۽ اسين وري به جمهوريت جو ڍنڍورو وڄائيندا وتون اهو ته ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *