ڀارت ٻطرفي معاهدي تحت سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪيو ته بگ ٿري معاهدي سان بغاوت ٿي سگهي ٿي: شهريار خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جيچ يئرمين شهر يار خان خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت ڊسمبر جنوري ۾ پاڪستان سان سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪيو ته بگ ٿري معاهدي سان بغاوت ٿي سگهي ٿي. بي سي سي آءِ 2015 -2023 تائين حڪومت جي منظوري جي شرط سان ڇهه سيريز کيڏڻ واري معاهدي جي پاسداري ڪري. چيئرمين پي سي بي ياد ڏياريو ته پاڪستان آءِ سي سي جا معاملا ڀارت انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي حوالي جي بگ ٿري معاهدي تي صحيحون ان شرط سان ڪيون هيون ته 8 سالن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇهه سيريز ٿينديون شهر يار خان ٽيليگراف اسپورٽس کي انٽرويو ۾ چيو ته اسان نئين آئين تي صحيح ان خاطري تي ڪئي آهي ته ڀارت 8 سالن ۾ 6 سيريز کيڏندو اسان ئي اهائي خاطري ڪرائي وئي هئي جنهن سبب اسان پنهنجي مخالفت ڇڏي آءِ سي سي سان گڏيل معاهدو ڪيو. جڏهن ته بي سي سي آءِ ڊسمبر ۾ ٻه ٽيسٽ پنج ون ڊي ۽ ٻه ٽي ٽوئئنٽي مئچن تي ٻڌل سيريز جي حوالي سان اڃا تائين ڪو به حتمي جواب ناهي ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *