يونس خان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ ٽاپ ٽين بيٽسمينن جي لسٽ ۾ شامل

لاهور (اسپورٽس نيوز) يونس خان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ ٽاپ ٽين بيٽسمينن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي. دبئي ٽيسٽ جي ٻئي اننگز ۾ انگلينڊ جي خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ کاپوءِ يونس خان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ ٽاپ ٽين بيٽسمينن ۾ شامل ٿي ويو آهي. يونس خان دبئي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ جي خلاف 31 هين سينچري اسڪور ڪري نه صرف آسٽريليا جي ميٿو هيڊن ۽ ويسٽ انڊيز جي چندر پال کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو پر ٽيسٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ ٽاپ ٽين بيٽسمينن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *