سلمان خان ماڌوري ۽ ڀاڳيا شريءَ لاءِ پنهنجي فلم جي اسپيشل اسڪريننگ ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ سپر اسٽار سلمان خان پنهنجي مشهور ڪردار پريم جون پراڻيون يادون تازيون ڪرڻ لاءِ ماضي جي سپر اسٽار ماڌوري ڊڪشٽ ۽ ڀاڳيا شريءَ لاءِ پنهنجي نئين فلم پريم رتن ڌن پايو جي اسپيشل اسڪريننگ ڪندو سلمان خان اداڪاري سان گڏوگڏ انڊسٽري ۾ پنهنجي مخلص دوستي جي ڪري به ڃاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي ته ڪيترائي ناليوارا اداڪار به دبنگ خان جي دوستي کي فراموش نه ٿا ڪن جڏهن ته سلمان خان به ماضي جي سپر اسٽار ماڌوري ڊڪشٽ ۽ ڀاڳيا شريءَ لاءِ پنهنجي نئين ايندڙ فلم جي اسپيشل اسڪريننگ ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *