ڀارت جي ورهاڳي ۽ بربادي جي شروعات ٿي چڪي، ڪشمير آزاد ٿي رهندو، زرداري صاحب خطرناڪ ڳالهه ڪري ويو: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته ڀارت آرٽيڪل 370 ختم ڪري پنهنجي موت جي پرواني تي صحيح ڪئي آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ تقرير ڪندي مراد سعيد چيو ته ڪشميري اسان جا ڀائر ۽ ڪشمير اسان جو آهي، وزيراعظم عمران خان جي اچڻ کان پوءِ هڪ ڪم ٿيو آهي ته ڀارت جو اصل چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت پاڪستان جي امن جي پاليسي سبب بوکلاهٽ جو شڪار ٿيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير جو خاص درجو ختم ڪري پنهنجي موت جي پرواني تي پاڻ صحيح ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڀارت جي ورهاڳي ۽ بربادي جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڪشمير آزاد ٿي رهندو، زرداري صاحب بنگلاديش ۽ ڪشمير کي گڏائي خطرناڪ ڳالهه ڪئي، پروڊڪشن آرڊر تي جيڪي ماڻهو هتي آيا اهي خطرناڪ ڳالهيون ڪري هليا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *