عيد الاضحيٰ تي 4 ڏينهن جي موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري، رين ايمرجنسي سبب سرڪاري آفيسرز توڙي ملازمن جون موڪلون رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار عيد الاضحيٰ جي موقعي تي 4 ڏينهن جي موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جڏهن ته رين ايمرجنسي جي ڪري سرڪاري آفيسرز توڙي ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن. سنڌ سرڪار طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عيد الاضحيٰ جي موقعي تي 12 کان 15 آگسٽ تائين عام موڪل هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عيد جي موقعي تي سومر کان خميس تائين سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارا بند رهندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عيد جي موڪلن ۽ برسات ۾ هنگامي صورتحال دوران سنڌ پوليس، سرڪاري اسپتالن، پي ڊي ايم اي، لوڪل گورنمينٽ، ڪي ايم سي، فائر برگيڊ، ضلعي انتظاميا ۽ سول ڊفينس ۾ ملازم ڊيوٽي تي موجود رهندا. نوٽيفڪيشن ۾ اُنهن کاتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اُنهن ادارن جو عملو آفيس توڙي فيلڊ تي پنهنجي موجودگيءَ کي يقيني بڻائين.
چيف سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل هڪ ٻئي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته موسميات کاتي جي ايڊوائيزري ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري سمورن سرڪاري ملازمن جون عيد واريون موڪلون ختم ڪيون ويون آهن. نوٽيفڪيشن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورا سرڪاري آفيسرز توڙي ملازم رين ايمرجنسي دوران آفيسز توڙي فيلڊ تي موجود رهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *