اسان جي ڊرامن ۾ اصلاح جو رخ ظاهر ٿئي ٿو: ثنا جاويد

 

لاهور (شوبز نيوز) خوبصورت اداڪاره ثنا جاويد چيو آهي ته اسان جي ڊرامن ۾ معاشري جي سڌاري جو پهلو نظر اچي ٿو. نجي شعبي ۾ اهڙا شاهڪار ڊراما ٺاهيا پيا وڃن جن جي مقبوليت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڊرامه سيريلز ۾ بهتري ڪردار نڀائي چڪي آهيان پر وڌيڪ بهتر کان بهتر ڪرڻ جي جاکوڙ ڪندي رهان ٿي. مان سمجهان ٿي ته اڃا مونکي گهڻو ڪم ڪرڻو آهي ۽ مونکي پنهنجي اداڪاري لاءِ اڻ ڊهندڙ نشان ڇڏڻا آهن جيڪي منهنجا مداح ياد رکن. ثنا جاويد چيو ته ڊرامه انڊسٽري ميڊيا جي هڪ شڪل آهي، اسان جا ڊراما اصلاح لاءِ بهترين آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *