ڀارت جو ايل او سي بعد آبي وار، پاڪستان ۾ ٻوڏ جو خطرو، الرٽ جاري

اسلام آباد (اين اين آءِ) ڀارت پاڪستان جي خلاف آبي جارحيت ڪندي بنا شيڊول جي دريائن ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو جنهن سبب سنڌو درياهه سميت ٻين دريائن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي صوبائي ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي پنجاب مان جاري ٿيل الرٽ مطابق ڀارت پاران پاڻي ڇڏڻ کان پوءِ ستلج درياهه ۾ پاڻي جي سطح مسلسل مٿي ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري ٻوڏ جو خطرو آهي پي ڊي ايم اي پنجاب مطابق ريلو هڪ لک 50 هزار ڪيوسڪ کان وٺي هڪ لک 75 هزار ڪيوسڪ تائين ٿي سگهي ٿو صوبائي ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي سمورن لاڳاپيل کاتن کي ان خطري بابت پيغام جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ لاڳاپيل کاتن کي ضروري حفاظتي قدم کڻڻ جون هدايتون ڏنيون ويون پي ڊي ايم اي پنجاب جو چوڻ هو ته ستلج درياهه ۾ امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان الرٽ جاري ڪرڻ جو مقصد ڀارتي جاني ۽ مالي نقصان کان بچڇڻ آهي ٻوڏ واري صورتحال کي آڏو رکي پنجاب حڪومت جو هنگامي اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي خيال رهي ته ڀارت هر سال مون سون کان پوءِ والاريل ڪشمير ۾ تعمير ڊيم ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ کان پوءِ شيڊول مطابق پاڻي ڇڏي ٿو ڀارت پاران ڇڏيل پاڻي درياهه ستلج راوي ۽ چناب ۾ اچي ٿو جنهن سان دريائن ۾ پاڻي جو چاڙهه وڌي وڃي ٿو جڏهن ته پاڪستان ۾ اوچتو ايندڙ ان پاڻي کي منهن ڏيڻ جو انتظام موجود نه آهي جنهن جي ڪري دريائن سان لڳ ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي وڃن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *