پاڪ-ڀارت چڪتاڻ: آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ 3 سالن جي واڌ

راولپنڊي (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجود جي نوڪري جي مدي ۾ ٽن سالن جي واڌ ڪري ڇڏي سومر تي وزيراعطم آفيس مان جاري ڪيل نوٽيفڪيسن مطابق وزيراعظم عمران خان آرمي چيف کي موجوده مدو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٽن سالن لاءِ ٻيهر پاڪ فوج جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو اهي بيان موجب آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جو فيصلو خطي جي سيڪيورٽي ماحول کي ڏسي ڪيو ويو آهي خيال رهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 29 نومبر 2016 تي پاڪ فوج جي واڳ سنڀالي هئي ۽ کيس هلندڙ سال نومبر ۾ رٽائرڊ ٿيڻو هو نوڪري جي مدي ۾ واڌ کان پو3 جنرل قمر جاويد باجوا نومبر 2022 تائين پاڪ فوج جو سربراهه رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *