ڀارت جو خاص اسٽيٽس ختم ڪرڻ لاءِ سفارتي محاذ تي اڳ کان تيار رهڻ گهرجي ها: اي پي سي

اسلام آباد (اين اين آءِ) گڏيل اپوزيشن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو اهي ته پاڪستان حڪومت والاريل ڪشمير جي عالمي سطح تي ڀرپور وڪالت ڪري عوام ڪشميرين سان گڏ آهي گڏيل قومون عالمي برادري والاريل وادي مان ڪرفيو ختم ڪرائين پاڪ فوج ڀارت جي ڪنهن مهم جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي اپوزيشن جماعتون ۽ عوام ڪشمير جي معاملي تي پاڪ فوج سان گڏ آهي ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اپوزيشن جماعتن والاريل ڪشمير جي صورتحال تي غور ڪيو اي پي سي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪندي تجويز ڏني ته پاڪستان جي حڪومت والاريل ڪشمير جي عالمي سطح تي ڀرپور وڪالت ڪري اي پي سي چيو ته اسان کي انڊيا جو خاص اسٽيٽس ختم ڪرڻ لاءِ سفارتي محاذ تي اڳ کان تيار رهڻ گهرجي ها اي پي سي چيو ته پاڪستان ۽ عوام ڪشميرين سان گڏ آهي سموريون اپوزيشن جون جماعتون ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪن ٿيون. مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪشمير تي قوم سان لڳاتار ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي پارليمينٽ ۽ سياسي پارٽِن کي ڪشميرن جي موجوده صورتحال تي بريف ناهي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *