ڀارت جنگي جنون ۾ پئسا پاڻي وانگر وهائڻ لڳو، مودي سرڪار جو آمريڪا کان هڪ ارب ڊالر جا جاسوس جهاز خريد ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اين اين آءِ) ڀارت جنگي جنون ۾ دولت پاڻي وانگر وهائي رهيو آهي مودي سرڪار آمريڪا کان هڪ ارب ڊالر جا جاسوسي جهاز خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو جنهن کان پوءِ آمريڪا روس کي پوئتي ڇڏيندي ڀارت جو سڀ کان وڏو دفائي پارٽنر بڻجي ويو 8 سالن ۾ 10 ارب ڊالر جي معاهدي جا ڀارت ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙن کي ڪوئي فائدو پهچائي سگهندا ڀارتي ميڊيا مطابق دفاعي معاهدن هٿيار خريد ڪرڻ جي آرڊرز کان پوءِ آمريڪا ڀارت جو سڀ کان وڏو دفاعي  پارٽنر بڻجي ويو آهي 8 سالن ۾ لڳ ڀڳ 10 ارب ڊالر ماليت جو جنگي سامان خريد ڪيو ويو هاڻي ڀارت جون نظرون آهن آمريڪي جاسوس پي 81 جهازن ۾ جيڪي حاصل ڪرڻ لاءِ معاملا حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪا آهن جهازن جو معاهدو هڪ ارب ڊالر ماليت جو هوندو جيڪا هلندڙ سال جي سڀ کان وڏي دفاعي ڊيل هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *