ڪرنسي ڪيس ۾ گرفتار ماڊل اياز علي جي ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور (اين اين آءِ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڪرنسي اسمگلنگڪيس ۾ گرفتار سپر ماڊل ايان علي جي درخواست ضمانت منظور ڪندي کيس فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انورالحق جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ماڊل ايان علي جي درخواست ضمانت جي ٻڌڻي ڪئي ايان علي پاران سردار لطيف کوسو عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته ماڊل ايان علي پنهنجي ڀاءُ کي رقم ڏيڻ لاءِ اسلام آباد ايئرپورٽ ويئي هئي ايان علي کي اي ايس ايف عملدارن چيڪنگ لاءِ روڪيو ايان علي ڪسٽم جي اسڪيننگ مشين تي به نه پهتي هئي ۽ نه ئي کيس بورڊنگ پاس جاري ڪيو ويو ته ڪرنسي اسمگلنگ ڪيئن ٿي سگهي ٿي ماڊل جي خلاف جعلي ڪيس داخل ڪيو ويو عدالت پاران فرد جرم عائد ناهي ڪيو ويو ان جي موئوڪلا بنا ڪنهن سبب جي جيل ۾ آهي ان موقف اختيار ڪيو ته ڪسٽم ايڪٽ مطابق جيڪڏهن جوابدار ڪائي خاتون هجي ۽ تفتيش مڪمل ٿي ويئي هجي ته ان کي ضمانت تي ازاد ڪري ڇڏي ٿو ڇو ته ان موئڪلا هڪ عورت آهي ۽ جاچ مڪمل ٿي ويئي آهي تنهنڪري عدالت کي درخواست آهي ته کيس ضمانت تي آزاد ڪيو وڇي ٻڌڻي دوران ڪسٽم عملدارن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته تفتيش دوران ايان علي قصوار آهي جنهن تي کيس 16 سال قيد ٿي سگهي ٿو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ان جي خلاف فرد جرم عائد ٿي ويندو عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ماڊل ايان علي جي درخواست ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ايان علي تي 27 جولاءِ تي فرد جرم عائد ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *