سنڌ حڪومت ڪڻڪ ۽ ان مان ٺهندڙ شين جي روانگي واپار لاءِ هموار ۽ ڏور رس پاليسي جوڙڻ چاهي ٿي: منظور وساڻ

ڪراچي (اي پي پي) خوراڪ واري صوبائي وزير منظور حسين وساڻ ايڪسپورٽرز جي هڪ وفد سان پنهنجي آفيس ۾ منعقد ڪيل اجلاس ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ شين جي روانگي واپار لاءِ هموار ۽ ڏور رس پاليسي جوڙڻ چاهي ٿي ته جيئن معيشيت کي استحڪام ڏنو وڃي. هن چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته پيداوار جو وڌ کان وڌ فائدو ڏينهن رات محنت ڪري پيداوار حاصل ڪندڙ هارين، آبادگارن کي پهچايو وڃي، تعلقي سطح تي موثر سروي ڪري علائقي ۾ حاصل ٿيندڙ ڪڻڪ جي پيداوار جي بنياد تي سڌو سنئون هارين، آبادگارن کان ڪڻڪ خريداري جي موثر حڪمت عملي ٺاهڻ جي حق ۾ آهي. هن چيو ته اهي شڪايتون عام آهن ته ڪڻڪ سپورٽ پرائيس جو فائدو هارين، آبادگارن کي پهچڻ بجاءِ آڙتي اهو فائدو کڻي وڃن ٿا، جنهن ڪري هو ڪڻڪ جي امدادي قميت وڌائڻ بجاءِ سڌوسنئون هارين کي ان جي قيمت جو فائدو پهچائڻ جي پاليسي جوڙڻ چاهين ٿا. هن چيو ته خوراڪ، روينيو ۽ زراعت کاتي جي گڏيل تعاون سان ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند ۽ اهڙي طرح جي ٻين فصلن جي تعلقي ۽ ان جي هيٺين سطح تي موثر سروي ذريعي هڪ موثر ڊيٽا جوڙي ويندي ته ڪنهن علائقي ۾ ڪهڙي فصل جي ڪيتري پيداوار حاصل ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته پيداوار جي ان تخميني سان حڪومت کي معاشي استحڪام جي پاليسين کي موثر بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ هارين کي به اهو اطمينان ٿيندو ته سندن فصل جو مناسب ۽ بروقت معاوضو کين ملي ويندو. ان موقعي تي سنڌ وٽ موجود هلندڙ سال ۾ سرپلس ڪڻڪ جي کپت جي حوالي سان ايڪسپورٽرز ٻڌايو ته مڊغا سڪر، سوڊان ۽ يمن ۾ 5 کان 6 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي مارڪيٽ هن وقت موجود آهي جيڪڏهن حڪومت واضح پاليسي جوڙي ته سرپلس ڪڻڪ انهن ملڪن کي برآمد ڪري سگهجي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *