ڀارتي سينسر بورڊ فلم ”لپ اسٽڪ انڊر ماءِ برقعا“ کي رد ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي سينسر بورڊ فلم ”لپ اسٽڪ انڊر ماءِ برقعا“ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. فلم ”لپ اسٽڪ انڊر ماءِ برقعا“ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا چئن عورتن جي چوڌاري گهمي ٿي. فلم ۾ چئني عورتن کي جنسي هراسان ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن کانپوءِ متاثر عورتون پاڻ سان پيش ايندڙ ڏکيائين ۽ ڪهڙي طريقي سان معاشري جو مقابلو ڪنديون آهن، اهو به ڏيکاريو ويو آهي پر ڀارتي سينسر بورڊ فلم کي رليز سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ۽ نشر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سينسر بورڊ موجب جنسي موضوع جو حد کان وڌيڪ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ حياتيءَ کي ڪِريل ڏيکاريو ويو آهي،  جيڪو معاشرتي قدرن جي خلاف آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *