اسان وٽ ناڪاري تنقيد جو رواج پئجي ويو آهي، اجائي تنقيد ڪندڙ اڳ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائن: نيلم منير

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا نيلم منير چيو آهي ته اسان وٽ ناڪاري تنقيد رواج بڻجي وئي آهي، جيڪو به اداڪار ڪاميابيون ماڻيندو آهي، ان جا پير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ من موهڻي اداڪارا نيلم منير جو چوڻ هو ته شوبز جي دنيا ۾ جتي منهنجا ڪيترائي دوست آهن، اتي ساڙ ڪندڙن جي به ڪا کوٽ ناهي. هن چيو ته جيڪي منهنجي شهرت کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، مون کي انهن جي ڪا پرواهه ناهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *