قوم جون نظرون پاناما ڪيس جي فيصلي تي آهن: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سڄي قوم جون نظرون پانام ڪيس جي فيصلي تي آهن، سپريم ڪورٽ مان ان ڪيس جو تاريخي فيصلو ايندو جنهن جا وڏا اثر هوندا. شيخ رشيد چيو ته 126 ڏينهن جي ڌرڻي ۾ حڪومت کي ايترو نقصان نه پهتو هو جيترو پاناما ڪيس مان پهتو آهي. هن چيو ته قطري خط نڪري وڃي ته عمارت زمين تي اچي ويندي، ججن 371 سوال ڪيا پر حڪومتي وڪيلن انهن مان هڪ سوال جو به جواب نه ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته پاناما ڪيس جو جيڪو به فيصلو ايندو اهو قبول هوندو، ڌرين سميت سڄي قوم کي ججن تي اعتماد آهي. سياسي، سماجي ۽ عوام جي تڪ ۾ اسان ڪيس کٽي ورتو آهي، قانوني فيصلو اچڻ اڃان باقي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *