ڀارتي بيانن تي گهٻرائڻ جي ڪا به ضروت ناهي، هر قسم جي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا:آرمي چيف

اسلام آباد (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته ڀارت جي حوالي سان گهٻرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، پاڪ فوج هر قسم جي اڳرائي جو جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف چيو ته ڀارت طرفان آيل بيانن تي گهٻرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪ فوج هر قسم جي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿي. آرمي چيف چيو ته قومي سلامتي ۽ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ان کان اڳ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آرمي چيف پارلياماني ڪارروائي تي دلچسپي جو اظهار ڪيو جڏهن ته رضا رباني جنرل راحيل شريف کي سينيٽ جي قدمن کان آگاهه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *