ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن دوران 18ماڻهو مارجي ويا جنهن تي ڏک ٿيو آهي: نوازشريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف، ڪي پي ڪي۾ مڪاني چونڊن دوران 18 ڄڻن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عام چونڊن کان وڌيڪ خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ بدنظمي ٿي، ڇا انساني جانين سان کيڏڻ نئون پاڪستان آهي؟. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهــــو قوم کان ڳجهو ناهي.  هن چيو ته عام چونڊن کان وڌيڪ خيبر بختونخوه جي مڪاني چونڊن ۾بدنظميون ٿيون.وزير اعظم نواز شريف چيو ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن دوران ووٽرز جي جان جي حفاظت صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي. نواز شريف وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن دوران 18ماڻهو مارجي ويا، جنهن تي کيس افسوس ٿيو آهي، ٻڌايو وڃي ته ڇا انساني جانين سان کيڏڻ نئون پاڪستان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *