جيڪڏهن دهشتگردي 2 سئو سال جاري رهي ته ڇا فوجي عدالتون ڪم ڪنديون رهنديون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ 18 هين ۽ 21 ترميمن خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران ججز رمارڪس ڏنا آهن ته ماضي ۾ فوجي عدالتون نظريه ضرورت تحت ٺاهيون ويون، موجوده دور ۾ فوجي عدالتن کي آئيني تحفظ ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن دهشتگردي 2 سئو سال جاري رهي ته ڇا فوجي عدالتون ڪم ڪنديون رهنديون.. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ 17 رڪني فل ڪورٽ بئنچ 18 هين ۽ 21 هين ترميمن خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.وڪيل حامد خان فوجي عدالتون قائم ڪرڻ خلاف دليل ڏيندي چيو ته 1953 ۾ فوجي عدالت عبدالستار خان نيازي کي موت جي سزا ٻڌائي هئي، سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ان سزا کي عمر قيد جي سزا ۾ تبديل ڪيو. جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته 1953 ۾ جڏهن فوجي عدالتون قائم ٿيون ته ان وقت آئين موجود نه هيو، 1953 ۾ فوجي عدالتون نظريه ضرورت تحت ۽ انتظامي نظام تحت فوجي عدالتون قائم ٿيون، هن دفعي فوجي عدالتن کي آئيني تحفظ ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس ناصرالملڪ چيو ته عدالتي فيصلي مطابق 1953 جي مارشل لا گڏيل مشاورت سان لڳائي وئي. جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن 2 سئو سال دهشتگردي ٿيندي رهي ته ڇا فوجي عدالتون ڪم ڪنديون رهنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *