ڀارتي باڪسر جو راند ۾ به جنگي جنون هٿيار سجائي عامر خان کي مقابلي جو چيلنج

 

نئين دهلي: (اسپورٽس نيوز) ڀارتي باڪسر نيراج گويت راند ۾ به جنگي جنون ڏيکاريندي پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان کي ٽيبل تي هٿيار سجائي مقابلي جو چيلنج ڏنو آهي.ڀارتي باڪسر نيراج گويت سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو هٿيارن سان سجايل ٽيبل سان گڏ ويٺل آهي. ان تصوير سان گڏ ڀارتي باڪسر ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته مان هاڻ فٽ ٿي ويو آهيان ۽ عامر خان کي رنگ ۾ هارائڻ جي لاءِ تيار آهيان.برطانوي ڄائي پاڪستاني باڪسر عامر خان به ڀارتي باڪسر نيراج گويت کي جواب ڏيندي چيو آهي ته تون مون کي هن هٿيارن سان نٿو هارائي سگهين. مون کي هارائڻ جي لاءِ توکي هٿيارن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. ياد رهي ته ڀارتي باڪسر ۽ عامر خان جي وچ ۾ فائٽ گذريل مهيني 12 جولاءِ تي سعودي عرب ۾ شيڊول هئي پر ڪار حادثي سبب نيراج گويت عامر خان سان فائٽ تان هٿ کڻي ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *