ٻٽي شهريت وارن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي، وفاقي حڪومت منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت ٻٽي شهريت جي ٻڌل پاڪستانين کي ملڪ جي چونڊ عمل ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي. وزير اعظم عمران خان جي سربراهي ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ جي سياسي عمل ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ ملڪ جي مفاد ۾ آهي. ان حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جڏهن ته سمورن مرحلن لاڳاپيل قانون سميت ضروري ترميمون ڪرڻ جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو. ان کان سواءِ وفاقي ڪابينا اڳوڻي حڪمرانن سان خانگي دورن جي مد ۾ سرڪاري ناڻي مان ڪيل خرچ وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو جڏهن ته ٻٽي شهرين وارن پاڪستانين کي اليڪشن جي عمل ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ جي به اصولي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻن وزير اعظمن يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف ۽ اڳوڻي صدر ممنون حسين جي پرڏيهي دورن تي ڪيل خرچن  جي تفصيل پيش ڪئي وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني پنهنجي ساڍن چئن سالن جي دور ۾ 48 پرڏيهي دورا ڪيا جنهن جو وقت 92 ڏينهن بڻجي ٿو انهن دورن دوران وفد جي ميمبرن جو انگ 2 هزار 67 هو جڏهن ته ان تي ڪيل خرچ 57 ڪروڙ 16 لک رپيا آيا. يوسف رضا گيلاني جا 9 دورا ذاتي يا ٽرانزٽ نوعيت جا هئا، ذاتي دورن ۾ 1 دبئي، 2 برطانيا جڏهن ته ٽرانز دورن ۾ 3 برطانيا ۽ 3 دبئي جا دورا شامل آهن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته راجا پرويز اشرف ڪل 9 دورا ڪيا جنهن جو وقت 18 ڏينهن هو، انهن دورن ۾ وفد جي ميمبرن جو انگ 398 هو جڏهن ته انهن دورن تي ڪل 10 ڪروڙ 69 لک خرچ ٿيا. اهڙي ريت اڳوڻي صدر ممنون حسين پنهنجي دور ۾ 31 پرڏيهي دورا ڪيا جنهن جو وقت 115 ڏينهن ان ۾ وفد جو انگ 745 هو جڏهن ته ان ۾ 27 ڪروڙ 82 لک رپين جو خرچ سرڪاري ناڻي مان ادا ڪيو ويو. هن جا 7 ذاتي دورا سعودي عرب جا هئا جڏهن ته ٽرانزٽ دورن ۾ 2 ترڪي ۽ 1 سري لنڪا جو دورو شامل هو. بعد ۾ ڪابينا فيصلو ڪيو ته اڳوڻن حڪمرانن جي ذاتي دورن جي مد ۾ سرڪاري ناڻي مان کنيل خرچ انهن حڪمرانن کان وصول ڪيا وڃن ۽ ان عمل جو فوير طور تي آغاز ڪيو وڃي. ان کان سواءِ اڳوڻن حڪمرانن جي ڪيمپ آفيسن تي ڪيل خرچ به هنن کان ئي وصول ڪيا ويندا. ڪابينا ۾ اِهو به فيصلو ڪيو ته مستقبل ۾ حڪمرانن جي ذاتي دورن ۽ پرڏيهه علاج جي مد ۾ ڪيل خرچ هو پاڻ برداشت ڪندا. اڳوڻن حڪمرانن جي دور ۾ مختلف وزارتن ۾ بڻيل آڊٽ پيرا ۽ انهن جي جوابن جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو. اجلاس دوران ڪابينا کي ماضي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن کي مختلف طريقن سان رسايل نقصانن ۽ سياسي مداخلت جي باري ۾ به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سال 2012ع کان 2018ع تائين گهٽ يا وڌ 50 اڏام کي ذاتي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ مختلف ماڳن ڏانهن موڙيو ويو. ان کان سواءِ اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي ( اي سي سي) جي 17 جولاءِ 2019ع جي فيصلن جي واڌ ڪئي وئي. وزير اعظم چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ملڪ جي ڪنهن حصي ۾ اٽي جي قيمت ۾ واڌ نه ٿئي ۽ اٽي جي قيمت تي مسلسل نظر رکي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *