وڌيڪ ٻن سالن لاءِ ٽيم منهنجي حوالي ڪريو پوءِ ڪمال ڏسو: آرٿر جي آڇ

 

ڪراچي: (اسپورٽس نيوز) ڪوچ مڪي آرٿر پي سي بي کي آڇ ڪئي آهي ته وڌيڪ 2 سالن جي لاءِ قومي ٽيم منهنجي حوالي ڪريو ۽ پوءِ ڪمال ڏسو. جڏهن ته قومي رانديگر ڪوچ مڪي آرٿر کان خوش ناهن. جنهن سبب اعتماد جي کوٽ نظر اچي رهي آهي.هوڏانهن بورڊ اختيارين سان تمام ويجهو رهندڙ هڪ اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪوچنگ جي لاءِ اڳوڻي سريلنڪا جي رانديگر مهيلا جي وردني جو نالو ڏنو آهي پر ان جو آءِ پي ايل سان وڏو معاهدو آهي ۽ پاڪستان کيس ايتري وڏي رقم  نٿو ڏئي سگهي.رپورٽ موجب مڪي آرٿر پي سي بي کي چيو آهي ته مون کي وڌيڪ 2 سالن لاءِ ذميواريون ڏنيون وڃين ان دوران هو ٽيم کي بهتر بنائي ڇڏيندو. هن اها به راءِ ڏني آهي ته ڪنهن پاڪستاني کي ان جو نائب بنايو وڃي ته جيئن هو ان سان گڏ رهي سکي سگهي ۽ پوءِ جڏهن هو وڃي ته ڪوچنگ ان جي حوالي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *