ڀارتي ادڪاره پريانڪا چوپڙا ۽ سندس مڙس نڪ جونس نيويارڪ ۾ تقريب ۾ شريڪ ٿيا

ممبئي (شوبز نيوز) ديسي گرل جي نالي سان مشهور ڀارتي ادڪاره پريانڪا چوپڙا ۽ سندس مڙس نڪ جونس نيويارڪ ۾ ڪالهه سومر ڏهاڙي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 27

شروع ٿيل ميٽ گالا 2019 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ نظر آيا، جنهن جو سندن مداح بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيا هئا. هندستان ٽائمز جي رپورٽ موجب اداڪاره پريانڪا پنهنجي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام اڪائونٽ تي نڪ جونس سان گڏ پراڻي تصوير شيئر ڪئي آهي، جنهن سان گڏ هن هڪ دلچسپ جملو پڻ لکيو آهي ته ”مون وٽ پنهنجي مستقبل جي ٻارن کي ٻڌائڻ لاءِ هڪ تمام دلچسپ ڪهاڻي موجود آهي، جنهن ۾ کين ٻڌائيندس ته مان سندن والد نڪ جونس سان ڪيئن مليس“. ان کان اڳ 2017 ۾ ٿيندڙ ميٽ گالا ۾ نڪ جونس ۽ پريانڪا چوپڙا هڪ ٻئي سان گڏ پهريون ڀيرو نظر آيا هئا، جنهن ۾ پريانڪا چوپڙا خاڪي رنگ جي سڀ کان ڊگهي گائون بيحد خوبصورت لڳي رهي هئي ۽ ميٽ گالا 2017 ۾ پريانڪا پنهنجي لباس ۽ اسٽائل جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مشهور ماڻيندڙ سيليبرٽي پڻ قرار ڏني وئي هئي. پريانڪا پنهنجي ماضي جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ سان گڏ پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مان پنهنجي مستقبل ۾ ٿيندڙ ٻارن کي ضرور ٻڌائيندس ته منهنجي سندن والد سان ملاقات ڪئين ٿي. باليووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا ۽ آمريڪي فنڪار نڪ جونس پهرين ڊسمبر 2018 تي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ سندن وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ جون خبرون پڻ ميڊيا تي آيون هيون، جيڪي پريانڪا رد ڪري چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *