سمجهان ٿي ته اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ پيو آهيؒؒ: صبا فيصل

لاهور (شوبز نيوز) سينيئر اداڪاره صبا فيصل چيو آهي ته اڄ به پنهنجي فن مان مطمئن ناهيان ۽ سمجهان ٿي ته اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ پيو آهي. ڪيترائي ڪردار ادا ڪري چڪي آهيان، جاويد شيخ ڪنهن ڊرامي ۾ مڙس بڻجندو آهي ته سٺو لڳندو آهي. هڪ انٽرويو ۾ سينيئر پاڪستاني اداڪاره چيو ته مون کي ٽي وي تي متعارف ڪرائڻ جو ڪريڊٽ رفيق احمد وڙائچ ڏانهن وڃي ٿو، جنهن مون کي انائونسمينٽ لاءِ چونڊيو. جڏهن مان پي ٽي وي ۾ آڊيشن ڏيڻ لاءِ ويس ته 26 ڇوڪرين مان 25 ناڪام ٿيون ۽ مان اڪيلي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 24

هئس جيڪا ڪامياب ٿي هئس. اداڪاره چيو ته جڏهن مون پهرين انائونسمينٽ ڪئي ته 2 ڏند وڏا هئڻ سب ٽي وي تي اچڻ کان روڪيو ويو، پر مون همت نه هاري ۽ ڏندن جو آپريشن ڪرائي ٻيهر آڊيشن ڏنو ۽ ڪاميابي ماڻي ٻيهر شوبز ۾ انٽري ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *