انگلينڊ خلاف رٿيل ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ ٽيم ڀرپور تياري ڪئي آهي: سرفراز احمد

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته انگلينڊ خلاف رٿيل ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ ٽيم/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 16

ڀرپور تياري ڪئي آهي.قومي ٽيم جي ڪتپان جو چوڻ آهي ته انگلينڊ جي ٽيم گذريل هڪ سال کان بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري رهي آهي ۽ سندن ڪوشش هوندي ته بهتر ڪرڪيٽ کيڏجي.سرفراز احمد وڌيڪ چيو ته ٽيم جي فيلڊنگ گذريل ميچز ۾ سٺي نه رهي آهي،جنهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.قومي ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته انگلينڊ جي ٽيم خلاف ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ بالرز جي ڪارڪردگي خراب نه هئي پر انگلش بيٽسمينن سٺي بيٽنگ ڪئي.هن چيوته شعيب ملڪ ٻئين ون ڊي ميچ ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو.سرفراز احمد وڌيڪ چيوته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ کان پهرين انگلينڊ خلاف رٿيل ون ڊي سيريز وڏي اهميت رکي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *