ڀارتي اداڪارا گهڻن مردن سان لاڳاپن کي درست قرار ڏئي ڇڏيو

 

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪارا راڌيڪا آپٽي پنهنجي بولڊ انداز ۽ دل ۾ ڪا ڳالهه نه رکڻ واري شخصيت طور سڃاتي ويندي آهي ۽ هاڻي اداڪارا جي هڪ نئين بيان سبب کيس تنقيد سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.راڌيڪا آپٽي تازو ئي ڏنل پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ بيان ڏنو ته هڪ ئي وقت گھڻن مڙدن سان محبت ڪرڻ جي خيال کي هوءَ غلط ناهي سمجهندي ۽ هوءَ ان جي حق ۾ به آهي.اهو بيان اداڪارا هڪ ٽي وي شو جي پروگرام ۾ ڏنو جتي هن سان گڏ آيوشمان کرانا به هيو.ان دوران راڌيڪا هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پنهنجي زندگي ۾گھڻن ماڻهن سان ملندا آهيون ۽ سڀ ڌار ڌار انداز سان اسان کي پسند ڪندا آهن، ڪنهن جي شخصيت پسند ايندي آهي ته ڪنهن ۾ جسماني ڪشش هوندي آهي، پر منهنجو خيال آهي ته اها خوبصورت ڳالهه آهي.هن چيو ته هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ مڙدن سان محبت ڪرڻ جي خيال تي آئون يقين رکندي آهيان، پر اها محبت ڌار ڌار انداز جي هوندي آهي، يعني جيئن مون کي اداڪاري ۽ ڊانسنگ پسند آهي، ائين ئي آئون ٻن ماڻهن سان ڌار ڌار انداز ۾ محبت ڇو نٿي ڪري سگھان؟ ۽ ائين ٿيڻ تي آئون پاڻ کي سزا ناهيان ڏيندي.هڪ ئي وقت ۾ هڪ شخص سان ازدواجي لاڳاپا رکڻ جي عمل (MONOGAMY) جي حوالي سان اداڪارا جو چوڻ هو ته اها هڪ اهڙي چونڊ آهي جنهن جو فيصلو پنهنجي مرضي سان روز ڪري سگھجي ٿو، ان ۾ زبردستي نه هجڻ گھرجي، آئون اها چونڊ روز ڪندي آهيان، صبح جو اٿان چوان ته انهي شخص سان آئون پنهنجي زندگي گزارڻ چاهيان ٿي.سندس چوڻ هو ته آئون  پاڻ کي خوش قسمت سمجهندي آهيان جو منهنجي شادي برطانوي راڳي بينڊڪٽ ٽيلر سان ٿي.واضح رهي ته راڌيڪا آپٽي ان کان اڳ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪري چڪي آهي ته هوءَ ۽ سندس مڙس ڪم سبب هڪ ٻئي کان ڌار رهندا آهيون، پر هو هر مهيني پنهنجي مڙس سان وقت گزارڻ لنڊن ويندي آهي.شو دوران اداڪارا اهو به ٻڌايو ته هن جو اداڪار تشار ڪپور سان افيئر جون افواهون به سامهون آيون هيون پر انهن ۾ ڪا به سچائي ناهي.جيتوڻيڪ اداڪارا جي ان بيان تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *