اسان محنت وڏي ڪئي پر نتيجو اسان جي حق ۾ نه آيو: بابر/امام

 

لاهور (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان اوپننگ بيٽسمين امام الحق جو چوڻ آهي ته اسان عالمي ڪپ ۾ وڏي محنت ڪئي پر نتيجو اسان جي حق ۾ نه آيو.لاهور ۾ قومي ٽيم جي رانديگرن امام الحق ۽ بابر اعظم پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ عالمي ڪپ جي ڪارڪردگي بابت ڳالهايو.پريس ڪانفرنس ۾ امام الحق چيو ته اسان پنهنجي غلطين مان سکي رهيا آهيون، منهنجو ڪم پرفارم ڪرڻ آهي، محنت ڪندو آهيان، الله عزت ڏيڻ وارو آهي، ان جو ڪرم رهيو ته ٽيم ۾ رهندس.امام الحق چيو ته جيئن اسان عالمي ڪپ ۾ کيڏڻ ويا هئاسين ته ٻيون ٽيمون به ڀرپور تياري سان آيون هيون ۽ اسان بهتر تياري لاءِ عالمي ڪپ کان گهڻو اڳ انگلينڊ ويا هئاسين.هن چيو ته اسان ڏاڍي سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، بدقسمتي سان اسان 5 ميچون نه کٽي سگهياسين، اسان جون ڏاڍيون ڏکيون ميچون ٿيون ۽ بيٽسمينن ڏاڍي زبردست ڪارڪردگي ڏيکاري.امام الحق چيو ته پهرين ميچ ۾ اسان ڏاڍو پريشان هئاسين ۽ ان ميچ ۾ جهڙي تيار ڪئي هئي اهڙو نتيجو نه آيو هو، پر پوءِ اسان جهڙي ريت واپسي ڪئي ۽ سيڪنڊ هاف ۾ اسان سٺو کيڏياسين.سندس چوڻ هو ته هي ڪرڪيٽ راند آهي ان ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن ڪڏهن ڪڏهن ائين ناهي ٿيندو اسان محنت ڏاڍي ڪئي پر نتيجو اسان جي حق ۾ نه آيو.بابر اعظم چيو ته منهنجو ڪم رڳو ڪرڪيٽ کيڏڻ آهي، مون کي پاڻ تي ڀروسو آهي، مونکي هر ميچ ۾ سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيڻي آهي.ڪپتاني بابت سوال تي بابر اعظم چيو ته ان ڏس ۾ جيڪو به فيصلو ڪرڻو آهي پي سي بي  کي ڪرڻو آهي، رن ريٽ بابت سوال تي بابر اعظم چيو ته اسان جيڪا پهرين ميچ هارائي ۽ آخر تائين اسان کي ان جو نقصان ٿيندو رهيو، اسان هيٺ مٿي ٿيندا رهياسين، پهرين ميچ ۾ سٺي بيٽنگ نه ڪري سگهياسين، جنهنڪري اسان جو رن ريٽ گهٽ رهيو.هڪ سوال جي جواب ۾ امام الحق چيو ته شروعاتي ميچن ۾ شڪست جو ذميوار چيف سليڪٽر ناهي، اسان سٺو نه کيڏيو ان سبب شڪست ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *