ٿر ۾ ڏُڪار متاثرن جي مدد لاءِ وسان ناهي گٽايو، تنقيد اجائي آهي: وڏو وزير

حيدرآباد   (بيورو ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جا مذهبي، اقتصادي، سماجي ۽ معاشي لاڳاپا تاريخي ۽ دوستاڻا رهيا آهن، ايران هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي ۽ اڄ ٻنهي ملڪن جي دوستي هڪ مثالي حيثيت رکي ٿي جنهن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ پي پي پي ايران سان تاريخي معاهدا ڪري ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن، ته جئين ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي عوام وچ ۾ وڌيڪ ويجهڙائي پيدا ڪري سگهجي. هن اهڙو اظهار اڄ ضلعي بدين جي تعلقي ٽنڊوباگو ۾ مير غلام محمد خان بهادر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو ۾ ايراني حڪومت جي اڌاري هائوسنگ فانڊيشن ايران طرفان تعمير ڪرايل ٻن بلاڪن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.وڏي وڏير سيد قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان ۽ ايران جي اهميت کي سمجهندي ايران سان ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪيا جنهن کي وڌيڪ مضبوط شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي دورِ اقتدار ۾ ڪيو هن چيو ته ان تسلسل کي قائم رکندي پي پي پي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري نه فقط ايران پر سمورن پاڙيسيري ملڪن سان ويجها لاڳاپا قائم ڪيا پر انهن سان تاريخي معاهدا ڪري ملڪ ۾ ترقي جي سفر جو آغاز ڪيو. ان چيو ته ايران عالمي پابندين باوجود پاڪستان جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي آهي ۽ عوام جي خدمت ڪئي آهي، جنهن جو زندا مثال بدين جهڙي پُٺ تي پيل علائقي ۾ هڪ تاريخي اسڪو جي اڏاوت ۽ ننڍو شهر ۾ هڪ جديد اسپتال قائم ڪرڻ آهي، جنهن تي اسان ايراني حڪومت جا ٿورائتا آهيون، سيد قائم علي شاهه مير غلام محمد ٽالپر کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته هن باشعور شخص هڪ صدي اڳ ٽنڊو باگو جهڙي شهر ۾ هڪ مثالي تعليمي اڌارو ۽ اسپتال قائم ڪئي جنهن سان گڏو گڏ هن موبائيل طبي ٽيمن جو تصور پڻ ڏنو جيڪا وقت جي اهم ضرورت پڻ هئي، هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت تعليم ۽ صحت جي شعبي تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ انهن شعبن جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي موجوده مالي سال ۾ رڪارڊ بجيٽ مختص ڪئي آهي هن چيو ته نه فقط ايترو پر پنهنجي نوجوان قائد بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن تي صوبي اندر محدود وسيلن باوجود ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي، هن ٿر جي ڏُڪار واري صورتحال جي حوالي سان ڳالهندي چيو ته ٿر ۾ ڏُڪار متاثر جي مدد لاءِ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو آهي ۽ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي وئي آهي تنهن باوجود مخالف صرف تنقيد ڪري رهيا آهن پر اهي ٿر ۾ اڃان تائين پنهنجي ڪا به ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا آهن، هن چيو ته اسان ڏهه ارب روپين جي خرچ سان بدين کان اسلام ڪوٽ تائين هڪ جديد روڊ پڻ تعميري ڪرايو آهي، پيئڻ جي صاف پاڻي، کاڌ خوراڪ سميت تعليم ۽ صحت جون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون آهن، ان موقعي تي خطاب ڪندي ايران جي قونصل جرنل مهدي سبحاني چيو ته ايران عالمي پابندين باوجود هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ۽ قدرتي آفتن ۾ پاڪستان سان هر قدم تي گڌ رهي آهي، هن چيو 2010 ۽ 2011 جي تاريخي ٻوڏن سبب سنڌ اندر وڏي تباهي آهي جنهن بعد ايران پنهنجي سنڌي ڀائرن جي مدد لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا ۽ اڄوڪي تقريب پڻ ان سلسلي جي ڪڙي آهي، هن ٻڌايو ته سنڌ جي ٻين ضلعن جهڙوڪ خيرپور، ٺٽو ۽ شيهد بيظير آباد ۾ پڻ اهڙي نوعيت جا منصوبا جاري آهن ۽ ايندڙ سان انهن جو افتتاح ڪري مقامي انتظاميا حوالي ڪيا ويندا، هن چيو ته ايراني حڪومت جي مدد تي پاڪستاني عوام پڻ ڀرپور محبت واري موٽ ڏني آهي، هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان عالمي دٻاءُ باوجود ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، جيڪي مستقبل ۾ به جاري رهندا، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ثقافت ۾ پڻ هڪ جهڙائي آهي تنهن ڪري ڪوبه دشمن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي خراب نٿو ڪري سگهي، ان موقعي ايم اين اي ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميدا مرزا چيو ته ايران نه فقط پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي پر هن دوست ملڪ هجڻ جو ڪردار پڻ ادا ڪيو آهي، هن چيو ته پي پي پي دورِ اقتدار ۾ پاڪ ايران گئس پائيپ لائن جو تاريخي معاهدو ڪيو ويو جيڪا شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواهش هئي ۽ سندس ئي دور ۾ هي منصوبو منظور ٿيو ته جئين ملڪ مان توانائي جي بحران جو خاتمو آندو وڃي، هن چيو ته هن وقت پوري خطي کي دهشتگردي، غربت ۽ تعليم جهڙا ساڳيا ئي مسئلا در پيش آهن هن جي حل لاءِ خطي جي سمورن ملڪن کي گڏيل طورتي ڪم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته مير غلام محمد ٽالپر ان دور ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ آواز اٿاريو ته جئين سنڌ جي عورت کي تعليم يافته بڻائي سگهجي ۽ هُو هڪ سچو انسان هو، فهميدا مرزا وڌيڪ چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي خاتمي لاءِ هڪ تنظيم جوڙي آهي ڇاڪاڻ ته هي بيماري سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي تنهن ڪري سنڌ حڪومت ان ڪم ۾ ساڻس سهڪار ڪري، هن چيو ته اسان اقتدار ۾ يا مخالف ڌُر ۾ ويهي ڪري عوام جي جنگ وڙهي ۽ ان جي خدمت ۾ پڻ جاري رهندي. ان کان اڄ وڏي وڏير ٽنڊوباگو آمد تي مير غلام محمد ٽالپر هاءَ اسڪول ۾ ايراني حڪومت طرفان تيار ڪيل صعادي ايجوڪيشن ڪمپليس جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي کيس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ٽنڊوباگو ۾ اسڪول ۽ ننڍي شهر ۾ اسپتال جو ڪم 15ڪروڙ جي خرچ سان مارچ 2013 ۾ شروع ڪيو ويو جيڪو نومبر 2014 ۾ مڪمل ٿيو، اسڪول ۾ 1344 اسڪوائر فٽ تي ٻه بلاڪ قائم ڪيا ويا آهن هڪ بلاڪ ۾ ٻه ليب ۽ ڪلاس روم ٺاهيا ويا آهن جڏهن ته ٻي بلاڪ ۾ 8 ڪلاسون ۽ هڪ وڏو آڊيٽوريم قائم ڪيو آهي. جڏهن ته ننڍو شهر ۾ 1151 اسڪوائر فٽ تي اسپتال، 340 اسڪوائر فٽ اسٽاف ڪواٽر، 950 اسڪوائر فٽ تي واڪ ٽرڪ ۽ 950 اسڪوائر فٽ تي گرين ايريا قائم ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي کيس ٻڌايو ويو ته 2100 شاگرد هتي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته صرف 31 استاد مقرر آهن جنهن لاءِ وڌيڪ استاد مقرر ڪيا وڃن. ان موقعي ته قانون ۽ پالياماني معاملن وارو صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو، اڳوڻو صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا، ايم پي ايز بئريسٽر حسنين مرزا، محمد نواز چانڊيو، بشير احمد هاليپوٽو، مير الله بخش ٽالپر، ايم اين اي سردار ڪمال خان چانگ، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد سيد آصف حيدر شاهه، ڊپٽي ڪمشنر بدين محمد رفيق قريشي، ايراني عملدار آغا سُلطان شاهي، آغا احمدي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *