عمران خان حڪومت سان ڳالهيون چاهي ٿو ته ڳالهين واري ڪميٽي جون هٿڪڙيون کولي: پرويز رشيد

لاهور(م.ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته سردار ذوالفقار کوسو کي مسلم ليگ ن هميشه عزت ۽ احترام ڏنو آهي ان لاءِ هو پنهنجي پٽ جي سياست ڪرڻ بجاءِ مسلم ليگ ن جي سياسي ڪري ته ان لاءِ بهتر ٿيندو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته حڪومت طرفان ٺاهيل منصوبن سان بجلي بحرنا جو جلد خاتمو ممڪن هو جڏهن ته ڌرڻن سبب انهن جي وقت تي شروعات نه ٿي سگهي ان لاءِ هاڻ ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ جا ذميواري ڌرڻا سياست تي اچي ٿي جنهن سبب انهن منصوبن ۾ نه صرف رڪاوٽُن آيون پر ملڪ وڏي پئماني تي مالي فائدن کان به محروم ٿيو، تحريڪ انصاف سان ڳالهين جو عمل حڪومت پاڻ ئي شروع ڪيو هو اسان پاران ان کي ختم نه ڪيو ويو پر عمران خان پاڻ پنهنجي ٽيم کي روڪي ڇڏيو هو، هو هڪ ڀيرو ٻيهر گذارش ڪري ٿو ته عمران خان پنهنجي ڳالهين واري ٽيم جي هٿن ۾ لڳل هٿڪڙي کولي انهن کي آزاد ڪري ته جيئن معاملا اڳتي وڌي سگهن عمران خان لاشن لاءِ ڌرڻي جي سياست شروع ڪئي هئي، لاش نه ملڻ تي هاڻ هو استعيفائن جي سياست ڪري رهيو آهي، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ مختلف نالن تي غور ڪيو پيو وڃي جن مان هڪ نالي تي ملڪ جو سموريون سياسي پارٽيون متفق آهن، سياسي پارٽين وچ ۾ مشاورت جي نتيجي ۾ راڻا ڀڳوان داس جي نالي تي متفقه راءِ قائم ٿي هئي پر هن ان ذميواري کان جواب ڏئي ڇڏيو عمران خنا جهڙي طرح اهم ترين خدمتون سرانجام ڏيندڙن تي تنقيد ڪري ٿو اهو صحيح ناهي، شايد راڻا ڀڳوان داس طرفان انڪار جو سبب به اهو ئي آهي، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ذوالفقار کوسو کي مسلم ليگ ن هميشه عزت ۽ احترام ڏنو آهي هن جي پنهنجي پٽ سبب سياست کي نقصان پهتو گذريل چونڊن ۾ ذوالفقار کوسو جي خاندان مان چونڊ وڙهندڙ فرد کي ڪامياب نه ملي سگهي هئي. هو پنهنجي پٽ سبب ايوانن مان ٻاهر نڪتو جڏهن ته مسلم ليگ ن ۽ نواز شريف سبب هو سينيٽ جو ميمبر بڻيو جيڪڏهن هو پنهنجي پٽ جي سياست ڪرڻ بجاءِ مسلم ليگ ن جي سياست ڪري ته هي ان لاءِ بهتر ٿيندو، غوث علي شاهه مسلم ليگ ن سنڌ جو صدر هو پر گذريل چونڊن ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ ن جي جيڪا ڪارڪردگي رهي ان تي ان کي پنهنجي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان کي سياست جاري رکڻ لاءِ ڌرڻي واري هنڌ لاش گهربل هئا،جيڪي کيس نه مليا، جنهن بعد اسيمبلين مان استعيفائون ڏنيون ويون. سندس چوڻ هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ صلاح مشورا جاري آهن، جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀڳوانداس جي نالي تي سموريون ڌريون متفق هيون پر هن انڪار ڪيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پاڪستان ۾ داعش جي موجودگي کان انڪار ڪندي چيو ته مقامي دهشتگرد آءِ ايس آءِ ايس جو نالو استعمال ڪري رهيا آهن، شرپسندن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي جاري رکي ويندي. پرويز رشيد جو چوڻ هو ته ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي جي ذميوارن کي سندن انجام تائين رسايو ويندو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته سندن ايجنڊا عوام جي خدمت آهي، معاشي پاليسين سبب 10 نوجوانن کي روزگار مليو آهي. وفاقي وزير پرويز رشيد ان کان اڳ عظيم اسلامي شاعر علامه اقبال جي 137هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي بادشاهي مسجد لاهور پهچي سندس مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ٻين جي زندگين کي نقصان پهچائڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي. هن چيو ته هو علامه اقبال جو عقيدتمند آهي،سندس شاعري واٽ جي لاٽ آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته علامه اقبال جي شاعري ۾ حقيقي زندگي گذارڻ جو فلسفو سمايل آهي. پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته تباهي ۽ ڏڦيڙ کي ڪنهن به ريت تسليم ڪري نه ٿو سگهجي، زندگين کي محفوظ بڻائڻ ئي اقبال جو مقصد هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *