چيف اليڪشن ڪمشنر مقرري، خورشيد شاهه نصر اسلم زاهد تي اعتراض واري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه ناصر اسلم زاهد جي نالي تي اعتراض واريندي چيو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون رانا ڀڳوانداس کي چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ متفق آهن خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ناصر اسلم زاهد سٺو ۽ ايماندار ماڻهو آهي تحريڪ انصاف جي خواهش آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ناصر اسلم زاهد ٿئي جڏهن ته پيپلزپارٽي کي ڪجهه قانوني اعتراص اهن خورشيد شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ 13 نومبر تائين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي مختلف اڳواڻن سان ڳالهايو سڀني رانا ڀڳوانداس جي نالي تي اتفاق ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر طاهرالقادري سان به معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهران ٿو جڏهن ته هو ملڪ کان ٻاهر ويل آهي چاهيان ٿو ته ڊاڪٽر قادري مون سان رابطو ڪري ته جيئن اسان سندس خيالن مان فائدو وٺي سگهون خورشيد شاهه چيو ته اپوزيشن اڳواڻ جي حيثيت سان هي منهنجي ذميواري آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ ڪوئي نالو تجويز ڪرڻ کان اڳ سمورين اپوزيشن پارٽين سان مشاورت ڪريان. .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *