ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو نه آيو، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 9 گل ڪومائجي ويا

مٺي (م.ڊ) ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو نه آيو، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 9 گل ڪومائجي ويا. خبر موجب ٿرپارڪر ضلعي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ سخت سردين سبب ٻارڙن جي موت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ان ڏس ۾ هڪ ڏينهن دوران ٿر جي مختلف اسپتالن ۾ 9 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا. فوت ٿيل 9 ٻارڙن ۾ ننگرپارڪر اسپتال ۾ اڍائي سالن جو صمندکاڙڪ، ويراواه جي 8 مهينن جي آمنت سمون، ڳوٺ گهرٽياري جو 4 سالن جي انيتا رائچند، ڇاڇرو اسپتال ۾ ڏيڊ مهيني جو شهزاد ڪنڀار، مٺي سول اسپتال ۾ 6 مهينن جي سومل جوڻيجو، پنج مهينن جي راڻي، هارون، ڪيلاش ۽ سوائي ٺڪر جا تازا ڄاول ٻارڙا شامل آھن. گڏ ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 54 ۽ هلندڙ سال انگ 772 ٿي ويو آھي. هوڏانهن سول اسپتال مٺي سميت ضلعي ٿرپارڪر جي اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ برقرار آھي ۽ علاج جون سهولتون نه هئڻ برابر آھن. ماروئڙن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت دعوائن باوجود ٿر ۾ سهولتون فراهم ناهن ڪيون، جنهن ڪري ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو وڌي رهيو آھي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *