او آءِ سي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ پاڪستان جي نمائندگي منهنجي لاءِ اعزاز آهي: فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار عاش اعواڻ چيو آهي ته او آءِ سي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ پاڪستان جي نمائندگي منهنجي لاءِ اعزاز آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته او آءِ سي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف کي ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان پاران خاص پيغام سان گڏ مبارڪون ڏيان ٿي، هن چيو ته اسلامي سربراهه ملڪن جو هي فورم مسلم امت جي رشتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ جوڙڻ جو سڀ کان وڏو پليٽ فارم آهي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ظلم، ڏاڍ ۽ عتاب هيٺ مسلمانن جي مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪرڻو آهي، هن چيو ته مسلم امت کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ اسلامو فوبيا جهڙي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪجهڙو موقف ۽ بهترين حڪمت جوڙڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ناروي جهڙا واقعا روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته سمورن مذهبن جي مقدس شخصيتن ۽ ڪتاب جي احترام جي حوالي سان عالمي سطح تي قانونسازي ڪئي وڃي، هن چيو ته اهڙن واقعن کي ڏوهه قرار ڏنو وڃي ۽ اهڙو ڏوهه ڪندڙ کي سزا ملڻ گهرجي، هن چيو ته ڪشميرين جي حمايت ۽ انهن سان ٻڌي جي اظهار تي سيڪريٽري جنرل او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون، هن چيو ته هن فورم تان ڪشميرين جا جمهوري بنيادي حق ۽ وادي ۾ سنگين صورتحال کي اجاگر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ آواز اٿارڻو پوندو، هن چيو ته ڀارت تي وڌيڪ زور ڀريو ته ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي، انساني حقن جي لتاڙ ۽ غير انساني پابنديون بنا دير ختم ڪيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *