ووٽن جي پرواهه ناهي غربت جو خاتمو ترجيح آهي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت جي پهرين ترجيح عوام کي غربت مان ڪڍڻ آهي، ووٽن جي پرواهه ناهي غربت جو خاتمو ترجيح آهي. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مديني جي رياست ۾ پهريون ڀيرو عورت کي حق ڏنا ويا، مديني واري رياست ۾ يتيمن ۽ بيواهن کي حق ڏنا ويا آهن، مديني واري رياست دنيا جي پهرين فلاحي رياست هئي.  وزير اعظم چيو ته غربت کي نظر ۾ رکندي پاليسيون مرتب ڪيون پيون وڃن، افسوس آهي جو عام ماڻهو ٽيڪس ڏيندو آهي پر امير طبقو ٽيڪس چوري ڪندو آهي، اڄ امير ٽيڪس چوري ڪرڻ لاءِ آف شور ڪمپنيون بڻائيدو آهي. عمران خان چيو ته غريبن جي لاءِ الڳ ۽ اميرن جي لاءِ الڳ تعليمي نظام آهي، گذريل ڏهاڪي دوران امير ۽ غريب جي وچ ۾ وڏو فرق پيو آهي، معاشي ۾ سموريون سهولتون اميرن کي مليون آهن. هن چيو ته عورتن جي تعليم کان سواءِ معاشري جي ترقي ممڪن ناهي، پاڪستان ۾ ٽي نظام لاڳو آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ هڪ جهڙو تعليمي نظام لاڳو هجي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *