پ پ ۽ حڪومت ۾ ڊيل، آصف زرداري پيسا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا: شيخ رشيد جي دعويٰ

لاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي خلاف 5 ڪيسن ۾ پلي بارگين جو عمل شروع ٿي ويو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته پيپلز پارٽي جي ماڻهن رقم ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ قومي احتساب بيورو خزانو ڀرڻ شروع ڪري ڇڏيو. شيخ رشيد چيو ته فوج ملڪ ۾ معاشي ۽ اقتصادي مضبوطي جي لاءِ ڪوشان آهي، جنهن جي ڪري ڪجهه عنصرن جي پيٽ ۾ سور آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تحريڪ انصاف سميت ٻين سياسي پارٽين مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي فنڊن جي به جاچ ٿيڻ گهرجي. شيخ رشيد چيو ته تحريڪ انصاف ڪامياب ٿي ويندي فيصلو اليڪشن ڪميشن نه پر سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي. ڳالهه ٻولهه دوران سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان جي واپسي تي جاچ ٿيڻ گهرجي جيڪي هر ڪجهه ڪلاڪن ۾ اڳوڻي وزير اعظم جي پليٽيلٽس جو انگ ٻڌائي ماڻهن کي ڊيڄاري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ وزير اعظم عمران خان جي استعيفيٰ وٺڻ آيو هو پر خالي هٿين واپس ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي هن سسٽم جو حصو آهي ۽ وزير اعظم عمران خان هن کي فون ڪيو هو پر آئون ان کان وڌيڪ ڪجهه نه چوندس. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي تاريخ جو اُهو وزير اعظم آهي جنهن جي شخصيت تي ڪرپشن جو ڪو به داع ناهي ۽ جيڪڏهن هن جي ڪابينا ۾ ڪو ڪرپٽ وزير آهي ته ان کي ٻيڻي سزا ملڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *