عورتن تي تشدد جي خلاف قانون موجود آهي، عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي: صدر

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي چيو آهي ته عورتن تي تشدد جي خلاف قانون موجود آهي، عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي، اهڙن مسئلن تي عوام ۾ آگاهي ضروري آهي، اسان کي معاشرتي سطح تي هن مسئلي تي سوچڻو پوندو، پارليامينٽ ۾ عورتن جي خلاف ڏوهه روڪڻ لاءِ قانون ٺاهيا ويا، عورتن ۽ ٻارن جي خلاف ڪيسن جو فيصلو 6 مهينن ۾ ٿيڻ گهرجي، سومر تي صدر عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ عورتن جي حفاظت ضروري آهي، غيرت جي نالي تي قتل ۽ حراسان ڪرڻ جا واقعا ختم ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته اهڙن معاملن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته سماجي مسئلن تي ميڊيا کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته عورتن لاءِ تشدد يا ڪنهن واقعي جي خلاف شڪايت ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، عورتون گهرن ۾ ٿيندڙ تشدد جي شڪايت لاءِ نٿيون وڃي سگهن، هن چيو ته عورتن کي شرعيت موجب وراثت ۾ حصو ملڻ گهرجي، هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ هدف حاصل نٿو ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *