وڏي وزير جي ڪاوڙ، آئي جي سنڌ جي معذرت رد، ايس ايس پي اظفر مهيسر کي صوبي بدر ڪرڻ جي سفارش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سان ملاقات واري ٽارگيٽ ڪلر جي دعويٰ سنڌ پوليس کي ڳچي ۾ پئجي وئي. وڏي وزير ايس ايس پي اظفر مهيسر جي ٽن مهينن تي جبري موڪل واري آءِ جي سنڌ جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وڏي وزير جي هدايتن کانپوءِ ايس ايس پي کي صوبي بدر ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي سفارش ڪئي وئي. وزيراعليٰ هائوس ۾ آءِ جي سنڌ ڪليم امام ۽ ايڊيشنل آءِ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پنج ڪلاڪن تائين ٽارگيٽ ڪلر يوسف عرف ٺيلهي واري جي ملاقات واري بيان ۽ پوليس جي جاچ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب وڏي وزير چيو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته هڪ ٽارگيٽ ڪلر کان بيان ڏياري ميڊيا ۾ وائرل ڪري پوءِ چيو وڃي ته اها رڳو ايس ايڇ او جي غلطي آهي ۽ اُن کي معطل ڪري ڇڏيو، سڀاڻي ڪنهن دهشتگرد کان بيان ڏياري وائرل ڪرڻ بعد ايس ايڇ او کي معطل ڪري چيو ويندو ته معمولي غلطي آهي، صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو تي الزام جو مطلب سموري صوبائي سرڪار تي الزام آهي. ملاقات دوران آءِ جي سنڌ معذرت ڪندي چيو ته ٽارگيٽ ڪلر جي وڊيو وارو اسڪينڊل سازش نه پر پوليس جي غفلت آهي، تنهن ڪري سنڌ پوليس جي سربراهه جي حيثيت سان توهان کان معذرت ٿو ڪريان. ملاقات دوران آءِ جي سنڌ وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته ٽارگيٽ ڪلر کي پريس ڪانفرنس ذريعي ميڊيا آڏو آڻيندڙ ايس ايس پي اوڀر اظفر مهيسر کي سزا طور ٽن مهينن جي جبري موڪل تي روانو ڪيو پيو وڃي. پر وڏي وزير آءِ جي سنڌ جي اها سفارش رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته آءِ جي سنڌ پاڻ چيف سيڪريٽري کي سفارش ڪري ته ايس ايس پي اظفر مهيسر کي صوبي بدر ڪيو وڃي. وڏي وزير سان ملاقات کانپوءِ آءِ جي سنڌ ڪليم امام طرفان چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه ڏانهن خط اُماڻيو ويو، جنهن ۾ ايس ايس پي اوڀر اظفر مهيسر کي صوبي بدر ڪرڻ جي سفارش ڪندي چيو ويو آهي ته سنجيده قسم جي غفلت سبب هاڻي سنڌ سرڪار ۽ پوليس کي سندس ضرورت نه آهي. تنهن ڪري سندس خدمتون وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي واپس ڪيون وڃن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *