پ پ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلنج ڪندي، ڪميٽي قائم

ڪراچي (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير ۾ دبئي ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي دبئي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۾ ملاقات ٿي ملاقات ۾ مرتضيٰ وهاب به گڏ هو ملاقات ۾ سنڌ ۾ صلاحڪارن کي قلمدان ڏيڻ جي حوالي سان مشورو ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اصولي فيصلو به ڪيو ويو ذريعن چيو ته آصف علي زرداري فاروق ايڇ نائڪ اعتزازاحسن ۽ لطيف کوسي تي ٻڌل قانوني ڪميٽي جوڙي ويئي آهي قانوني ڪميٽي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *