سنڌ اسيمبلي عورتن تي تشدد خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي عورتن تي تشدد خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، عورتن تي تشدد خلاف عالمي ڏينهن تي عورت ميمبرز ٺهراءُ منظور ٿيڻ تي سنڌ سرڪار جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته ٺهراءُ  جي منظوري سان عورتن کي تحفظ جو هٿيار فراهم ڪيو ويو آهي، هاڻي قانون تي عمل به ٿيڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آعا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ شروعات ۾ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين، گورنر سنڌ سعيد الزمان صديقي جي صحتيابي ۽ ناليواري اديب جميل الدين عالي جي پهرين ورسي جي حوالي سان سندس مغفرت لاءِ دعا گهري وئي. اجلاس دوران پ پ ميمبر غزاله سيال ۽ ايم ڪيو ايم ميمبر ناهيد بيگم  عورتن تي تشدد خلاف گڏيل ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. پ پ جي غزاله سيال چيو ته عورتن کي هڪ جهڙا حق حاصل آهن  ۽ ايم ڪيو ايم ميمبر ناهيد بيگم چيو ته  عورت تي گهريلو تشدد  کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ويندو، ٺهراءُ منظور ٿيڻ سان عورتن کي تحفظ ملندو.  فنڪشنل ليگ جي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته سنڌ اسيمبلي عورتن جي حقن بابت قانونسازي ڪري هڪ بهتر روايت قائم ڪئي آهي،عورتن جي حقن  جي حوالي سان ٻين صوبن ۾ قانون سازي ناهي ٿيل، هاڻي ان قانون تي عمل به ٿيڻ گهرجي. صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته  سنڌ اسيمبلي عورتن ۽ اقليتن جي حقن بابت قانونسازي ڪئي آهي. اجلاس دوران صوبائي وزير نثار کهڙي خوراڪ کاتي بابت ميمبرز جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. اجلاس ۾ دوران ايم ڪيو ايم ميمبر ظفر ڪمالي پنهنجي سيٽ تي اٿي بيهي چيو ته  اسيمبلي ۾مڇر اچي ويا آهن، جنهن تي اسپيڪر چيو ته مڇر توهان سان گڏ ايوان ۾ آيا هوندا. اسپيڪر چيو ته ڪجهه مڇر ته ايوان ۾ اچي ويهي رهن ٿا، اسپري ان لاءِ نه ٿا ڪرايون جو سڀئي بيهوش ٿي ويندا. اجلاس ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار ۽ نثار کهڙي وچ ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ به ٿي. خواجه اظهار چيو ته کيس اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ جي اجازت هجڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *