ڪشمير مسئلو ايجنڊا ۾شامل نه هجڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ڪنداسين: پاڪستان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف جي پرڏيهي معاملن واري وزير سرتاج عزيز چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جو اصل حل ڪشميرين جي پنهنجي ئي تحريڪ مان نڪرندو ڪشمير جي حوالي سان اسان جي پاليسي بلڪل چٽي آهي اسان ڪشميرين جي سياسي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن ۽ پاڙيسري برقرار رکڻ چاهيون ٿا ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. پنهنجي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا ۽ ڀارت جي ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ لائين آف ڪنٽرول جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي سرتاج عزيز چيو ته ڀارت ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ لائين آف ڪنٽرول تي اڳرائي ڪري رهيو آهي ۽ ڄاڻي واڻي شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهيو آهي هن چيو ته پاڻ کي مهذب ملڪ چورائيندڙ هندستان ڪشمير ۾ ظلم ڪري رهيو آهي سرتاج عزيز چيو ته ڪشمير جي حوالي سان اسان جي پاليسي بلڪل چٽي آهي ۽ اسان انهن جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا اسان ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه اينداسين ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول تي اڳرائي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي بحث ڪندي مسلم ليگ ضياءُ جي اڳوڻ محمد اعجازالحق چيو ته 8 جولاءِ کان پوءِ والاريل ڪشمير ۾ برهان واني جي شهادت کان پوءِ ڪرفيو لڳل آهي هن وقت تائين 150 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن اهڙي طرح سوين ماڻهو پنهنجي اکين جو نور وڃائي ويٺا آهن. اها دنيا جي سڀ کان وڏي رياستي دهشتگردي آهي هن چيو ته پهريون ڀيرو عالمي سطح تي اهو مسئلو اجاگر ٿيو آهي ان سبب دنيا جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ايل او سي تي حملا ٿي رهيا آهن وزيراعظم پهريون ڀيرو جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير جي حوالي سان پنهنجو موقف پيش ڪيو. هن چيو ته اسان جي پاليسي امن جي آهي جڏهن ته لتن جا ڀوت ڳالهين سان نه مڃيندا آهن ڀارت کي سبق سيکارڻو پوندو ان مسئلي کي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو وڃي. پرڏيهي صلاحڪار کي هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ وڃڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارتي اڳرائي جو مقصد عالمي سطح تي ڌيان هٽائڻ آهي وزيراعظم پاران پرڏيهي ملڪن وفد موڪلڻ جو فيصلو سٺو قدم هو اهم گڏيل قومن ۾ انهن جي قراردادن جي حوالي سان به ياد ڏياريو هن چيو ته جيستائين ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿيندو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ امن قائم نه ٿي سگهندو. پاڪستان 70 سالن کان ڪشمير جي مسئلي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي ڀارت سان ان مسئلي تي 3 جنگون ٿيون آهن ان مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو چونڊيل نمائندن کي پرڏيهي موڪليو اسان برطانيا ۾ وڃي پارليمينٽرين سان ملاقاتون ڪيوسين انهن اسان کي ڀليڪار ڪيو ۽ اسان جي ڳالهه ٻڌي ۽ اسان کي خاطري ڪرائي ته ڀارت سان ڪشمير جو مسئلو اٿاريندا هن تجويز ڏني ته اسان کي پرڏيهه ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪشمير ڊيسڪ قائم ڪرڻ گهرجي پيپلزپارٽي جي شاهده رحماني چيو ته سنڌ اسيمبلي پاڪستان ۾ وڌندڙ مذهبي جنون کي مدنظر رکندي بل منظور ڪيو آهي هن چيو ته ڀارتي حملا انساني حقن جون خلاف ورزيون آهن اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته قومي اسيمبلي ميمبر عازي غلاب جمال چيو ته 1940 ۾ فاٽا جي ماڻهن ڪشمير تي قبضو ڪيو هو پر انهن کي واپس گهرايو ويو هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي اندروني دهشتگردي جي صورتحال مان فائدو وٺندي واويلا ڪئي ته ڪشمير ۾ غير رياستي ماڻهو ڪارروايون ڪري رهيا آهن برهان واني جي شهادت کان پوءِ صورتحال چٽي ٿي ويئي ته اهو ڪشميرين جي پنهنجي جدوجهد جي آزادي جي تحريڪ آهي هن چيو ته ايل او سي تي ڇڪتاڻ جي معاملي تي حڪومت موثر انداز ۾ اڳتي وڌائي رهي آهي ڪوبه قدم سوچ ويچار کان پوءِ کنيو ويندو مسرت احمد زيد چيو ته ڪشمير جي باري ۾ ڪوئي به پاڪستاني  لاتعلق نٿو رهي سگهي ڇو ته اها اسان جي شه رڳ آهي پارليامينٽ پاڪستان جو سپريم ادارو آهي اتان کان ان مسئلي جي لاءِ اٿندڙ آواز ئي اهميت رکي ٿو. مسلم ليگ (ن) جي ملڪ ابرار احمد چيو ته پاڪستان ڪشمير جي مسئلي تي جنهن انداز ۾ آواز اٿاريو پيو وڃي پوري دنيا کي اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ڪشمير جو معاملو گڏيل قومن سميت دنيا جي هر فورم تي اٿارڻ گهرجي. جي يو آءِ (ف) جي محمد جمال الدين چيو ته ڪشمير جي مسئلي تي اسان کي آمريڪا تي اعتماد نه ڪرڻ گهرجي پر اسان کي خود اڳتي وڌڻ گهرجي هن چيو ته جنگ مسئلن جو حل نه آهي ان مسئلي کي سفارتي طريقي مطابق حل ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته دنيا جي ڪابه مهذب قوم جنگ جي حالت ۾ به ايمبولينسن ۽ معصوم شهرين کي نشانو نه بڻائيندي آهي ڀارتي ظلم تي دنيا جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي هن چيو ته اسان ڀارتي شهرين کي نشانو نه بڻجڻ ڏينداسين. سيد نويد قمر چيو ته اسان ڏسڻ چاهيون ٿا ته ڀارتي حملن جي پويان ڪهڙا مقصد آهن ڀارت پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ چاهي ٿو هن چيو ته بدقسمتي سان ڀارت جو دهشتگردي ۽ ڪشمير جي حوالي سان پروپيگنڊا جاري اهي آمريڪي معاشرو خود ورڇ جو شڪار آهي اسان کي آمريڪي سول سوسائٽي ۽ ٿنڪ ٽينڪس کي آماده ڪرڻو پوندو پاليسي سازي ۾ پارليامينٽ کي فوقيت ڏني وڃي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي قائم ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *