پ پ پاران دادو ۾ 16 سيپٽمبر تي جلسي جو اعلان، اڳوڻو وزير اعظم پنهنجي ڪرتون سبب گهر ڀيڙو ٿيو: نثار کهڙو

دادو (ڊ.ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي جنرل باڊي جي گڏجاڻي، ورڪر ڪنويشن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي رهائش گاهه تي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو 16 سيپٽمبر تي دادو ۾ جلسو ڪندو جنهن لاءِ اڄ هتي گڏ ٿيا آهيون، هن چيو ته دادو ۾ تاريخي جلسو ٿيندو، هن چيو ته ڪنهن به پارٽي جو چيئرمين جڏهن جلسو ڪندو آهي ته عوام کي ملڪ جي حالاتن بابت آگاهه ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪمت عملي، پ پ جي جدوجهد ۽ عوامي قوت اڄ به پاڪستان ۾ جمهوريتي نظام کي قائم رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ اسان خوش آهيون ته پاڪستان ۾ جمهوريت هلي رهي آهي، هن چيو ته جمهوريت تي حملا گهڻن ماڻهن ڪيا سيٽي وڄائي ايمپائر جا اشارا گهڻا ڪيا هوندا پر پوءِ به جمهوريت بچي رهي ۽ پاڪستان جي عوام جو ڏنل ووٽ قائم رهيو ۽ پاڪستان کي دنيا ۾ شرمندگي کڻڻي نه پئي، هن چيو ته وزير اعظم اگر هليو ٿو وڃي ته اهو پنهنجي غرور ، تڪبر ۽ ڪرتوت جي ڪري ويو، هن چيو ته هُن کي پهريان ئي ٻن ججن صادق ۽ امين قرار نه ڏنو ان باوجود اسان جي عدالت هن کي صفائي جو موقعو اڃا وڌيڪ ڏنو ائين ڪندي هن کي مسلسل ڏيڍ سال تائين موقعو مليو پر هو پنهنجي صفائي پيش نه ڪري سگهيو، ۽ ڪورٽ هن جي مٿان ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ وزير اعظم کي ڪوڙو قرار ڏئي سڄي عمر لاءِ نا اهل ڪري ڇڏيو، ان باوجود اسان جي جمهوريت هلي رهي آهي، هن چيو ته اهو ٻن حضرات جو مان اوهان کي ٻڌايو ۽ ٽيون حضرت ته ملڪ ۾ اچي ئي نٿو، ۽ اهو پنهنجي ڌرتي ۽ ملڪ خلاف ڳالهائي رهيو آهي، هاڻي ته ان جو نالو وٺڻ وارو به ڪير ناهي رهيو، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سڀني مثيبتن جو مقابلو ڪندي اڳتي وڌي رهي آهي، 2018 ۾ مقابلو ڪري عوام کي سرخرو ڪنداسين، سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته ادارن ۾ ڪوبه تڪرار نه ٿيندو عدالت فيصلو ڪيو ۽ ان تي تبصرو ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته عدالت جي ان فيصلي تي به تبصرو ٿيو هو جڏهن انهي عدالتن جنرل جي حڪومتن کي ڪنڊم ڪيو هو چئن مارشلائن کي ڪنڊم ڪيو هو ان فيصلن تي به تبصرا ٿيا هئا، عدالت يا ڪنهن اداري جي تڪرار جي ڪابه ڳالهه ناهي، هن چيو ته نواز شريف پهريان چيو هو ته عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي اهو مونکي قبول آهي پر ان باوجود هو رويو پٽيشن ۾ ويو آهي، هن چيو ته دنيا ۾ الاهي ڪيترن ماڻهن جو نالو پاناما ڪيس ۾ آيو ۽ انهن پنهنجي پاڻ کي ڪليئر ڪرايو اگر نواز شريف انتقامي ڪاروائي جي ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ جي آءِ ٽي ڇو قبول ڪئي، هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ ڪوڙ ثابت ٿيو ته هاڻي سازش نظر ٿي اچي، هن چيو ته عمران خان ڦڙڪيون هڻڻ لاءِ مشهور آهي، پهريان ٽي مهينا ڌرڻو هنيو ۽ ڌرڻي جو ڪوبه اثر نه ٿيو ته ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو ۽ وري چيو ته اسلام آباد کي بند ڪري ڇڏيندس، عوام هن جي ڪري لٺيون کائيندي رهي ۽ هي پنهنجي گهر ۾ پشپ ڪندو رهيو، هن چيو ته عمران خان هميشه جلسا رات جو ڪندو آهي رات جو هن کي نظر پوندي ناهي 5 هزار ماڻهن کي 50 هزار چوندو آهي، هن چيو ته ڊان ليڪس کي روڪيو ڪنهن آهي حڪومت روڪيو آهي، چوڌري نثار جيڪو اڄ چوي ٿو ته رپورٽ ظاهر ڪئي وڃي اها پاڻ ئي ظاهر ڪري سگهي پيو، ان موقعي تي سينيٽر عاجز ڌامراهه، وقار مهندي، راشد رباني، پ پ ضلع دادو جي صدر ايم اين اي رفيق احمد جمالي، ايم اين اي عمران ظفر لغاري، غلام دستگير ڳورڙ، ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو، سيد غلام شاهه جيلاني، ايم پي اي فياض ٻٽ، ضلع ڪائونسل چيئرمين سردار اشرف خان سولنگي،  ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو، قمبر خان لغاري، شبير احمد ابڙو، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي دادو گل حسن قمبراڻي، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي جوهي عبدالمجيد جمالي، شاهه محمد نائچ، خليل احمد شيخ، عبدالحميد جمالي ۽ ٻيا موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *