حاجين جي آجيان لاءِ ايندڙ ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويا، سول ايويئيشن ڪراچي ايئرپورٽ تي پارڪنگ فيس 90 رپيا ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): حج بيت الله جي سعادت حاصل ڪرڻ بعد حاجي سڳورن جي وطن واپسي جو سلسلو جاري آهي، حاجي سڳورن جي استقبال لاءِ عزيز ۽ مائٽ سڄي ملڪ جي مختلف ايئرپورٽس تي وڃي رهيا آهن، پر اهڙي موقعي تي سول ايويئيشن ڪراچي حاجي سڳورن جي آجيان لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ڦرڻ جو سلسلو شروع ڪندي پارڪنگ پرچي جي فيس 90 رپيا ڪري ڇڏي آهي، تفصيلن موجب سوين ماڻهو روزانو ڪراچي ايئرپورٽ تي پنهنجي پيارن جي آجيان لاءِ ويندا آهن، جڏهن ته حج جي ڏينهن ۾ انهن جو انگ وڌي ويندو آهي، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي سول ايويئيشن عملدارن پنهنجي پيارن جي آجيان لاءِ ايندڙ ماڻهن کي پنهنجي ڪمائي جو ذريعو بنائي ڇڏيو آهي، پيارن جي آجيان لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ايئرپورٽ جي حدن ۾ گاڏي پارڪ ڪرڻ تي 90 رپيا ادا ڪرڻا پئجي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *