رنوير سنگهه سڄو ڏينهن سيلفيون ڪڍڻ ۾ مصروف

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه چيو آهي ته هو سڄي ڏينهن ۾ ٻه درجن کان وڌيڪ سيلفيون ٺاهيندو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب چاڪليٽي هيرو رنوير سنگهه ممبئي شهر ۾ هڪ موبائيل فون لانچنگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جنهن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان روزانو پنهنجي موبائيل ۾ ٻه درجن کان وڌيڪ سيلفيون ٺاهڻ جو عادي آهيان. جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن انهن سيلفين جي تعداد ۱۰۰ کان به پڻ وڌي ويندي آهي. هن ٻڌايو ته سوشل ميڊيا سائٽ تي سندس موبائيل فون ورتل سيلفيون گهڻو مشهور ٿي رهيون آهن. هن چيو ته هو موبائيل هڪ اهم ايجاد آهي جنهن کانسواءِ رهڻ ناممڪن آهي. اداڪار رنوير سنگهه تازو ئي نئين فلم ”پدماوتي“ جي شوٽنگ مڪمل ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *