پ پ پاران اپوزيشن ليڊر هٽائڻ جي مذاحمت جو اعلان، اسحاق ڊار کان استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻن ناڻي وزير اسحاق ڊار کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد جي احتساب عدالت اثاثا ريفرنس ۾ اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد ان کان استعيفيٰ جو مطالبو زور پڪڙيندو پيو وڃي ۽ تحريڪ انصاف بعد هاڻي پيپلز پارٽي به استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي اڳواڻ نيئر حسين بخاري چيو ته پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون، ن ليگ وارا ملڪ ۾ افراتفري ۽ سسٽم ڊي ريل ڪرڻ چاهين ٿا پر اسان سسٽم کي ڊي ريل نه ٿيڻ ڏينداسين، نيئر بخاري چيو ته نواز شريف ڪارو ڪوٽ پائي سسٽم کي ڊي ريل ڪرڻ عدالت ويو، ان وقت نواز شريف 184،3 تي عمل ڪرائڻ ويو هيو، هاڻي 184،3 تي عمل ٿيو آهي ته اوهان روئو ڇو ٿا، شيري رحمان چيو ته پيپلز پارٽي ڪوڙا، آمر ۽ جيل برداشت ڪيا آهن، آصف زرداري بينظير جي شهادت وقت به پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو ۽ بنا ڪنهن ڏوهه جي 12 سال قيد ڪاٽي، هن چيو ته اسحاق ڊار کي عزت سان استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهرجي، اڄ حڪمران ئي عدالت جو فيصلو نٿا مڃين ته عام ماڻهو ڇا ڪندو، هي ماڻهو هڪ ئي وقت ۾ ٻئي مزا وٺي رهيا آهن، اڄ هي 60 وزيرن سان گڏ حڪومت جا مزا وٺي رهيا آهن، سندن چوڻ هيو ته اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي هٽائڻ جي ڪوشش جي ڀرپور مخالفت ڪندا، ان موقعي تي سليم مانڊوي والا جو چوڻ هيو ته ملڪي واپاري ۽ معاشي خسارو رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي، هي ماڻهو ڄاڻي واڻي معيشت کي خراب ڪري رهيا آهن، اڄ اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ٿي وئي، هاڻي باقي ڇا رهجي ويو، سينيٽ ڪميٽي ۾ اسحاق ڊار کي عهدو ڇڏڻ جو مشورو ڏنو هيو، اسحاق ڊار کي ملڪي مفادن خاطر عهدو ڇڏي ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *