وڏي وزير گهوٽڪي-غوثپور پل جي نئين الائنمينٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، آر ايف وي جاري ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌو درياهه تي گهوٽڪي-غوثپور پل جي نئين الائنمينٽ جي منظوري ڏني آهي، ان سان 2.7 ڪلوميٽرن گهٽتائي ٿيندي ۽ رٿا جي لاڳت ۾916 ملين رپين جي بچت به ٿيندي. هن اها منظوري اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي، صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز امداد پتافي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين محمد وسيم، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، ناڻي واري سيڪريٽري حسن نقوي، سيڪريٽري ورڪس اعجاز ميمڻ، پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ يونٽ جا سينئر آفيسر ۽ ڪنسلٽنٽس شريڪ هئا. رٿابندي ۽ ترقيات جي وزير چيو ته سنڌو درياهه تي پل جي اصل الائنمينٽ گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ وچ ۾ هئي، آڇ جاري ڪئي وئي جنهن تحت قومي ۽ بين الاقوامي 20 بڊرس نيلاميءَ ۾ حصو ورتو. ان عرصي دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهوٽڪي کان ڪنڌڪوٽ ايپروچ روڊ کي تبديل ڪندي گهوٽڪي کان غوثپور ڪيو. هن چيو ته وڏي وزير جي ان فيصلي جي بنياد تي ڪم جي ايڊوائيزري ڪنسورشيم اسڪوپ تي ٻيهر نظرثاني ڪئي وئي، تعميري لاڳت، مالي معاملن ۽ ٻين ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر وغيره کي به اپ ڊيٽ ڪيو ويو. صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻيءَ چيو ته الائنمينٽ تي نظرثاني جي شديد ضرورت هئي، ڇو جو پنج ڪلوميٽر ڊگهي لنڪ روڊ ٺل روڊ کي ڳنڍندو هو جنهن کي جيڪب آباد ۽ بلوچستان جي ٽريفڪ کي مدد ملندي. وڏي وزير جي هڪ سوال جي جواب ۾ ڪنسلٽنٽ چيو ته پنج ڪلوميٽر لنڪ روڊ جيڪو ٺل روڊ کي ملائيندو آهي ان نئين الائنمينٽ جي ڊزائن جي شروعاتي جيوميٽرڪ سيٽلائيٽ ذريعي اميج ٺاهي وئي آهي، ان سان گڏوگڏ ان جي فنانشل ماڊل کي به اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اڳوڻو الائنمينٽ 34.7 ڪلوميٽر جي هئي جڏهن ته گهوٽڪي-غوٽپور 32 ڪلوميٽر آهي ۽ اهڙي ريت 2.7 ڪلوميٽر جي بچت ٿيندي. اڳوڻي پل جي ڊيگهه 2000 ميٽر هئي جڏهن ته نئين الائيمنيٽ پل جي ڊيگهه 1200 ميٽر آهي اهڙي ريت پل جي ڊيگهه ۾ 800 ميٽر جي بچت ٿي آهي. اڳوڻي الائنمينٽ جي لاڳت 6952 ملين رپيا هئي جڏهن ته نئين الائنمينٽ جي لاڳت 6036 ملين رپيا ٿيندي، اهڙي ريت 916 ملين رپين جي بچت ٿيندي. وڏي وزير اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن، انجنيئرن ۽ مير هزار خان بجاراڻي (جنهنجو واسطو ضلعي ڪنڌڪوٽ-ڪشمور سان آهي) سان نئين الائنمينٽ تي تفصيلي  ڳالهه ٻول ڪئي. وڏي وزير نئين الائنمينٽ جي منظوري ڏيندي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ يونٽ کي هدايت ڪئي ته اهي رڪيويسٽ فار پرپوزل (آر آيف پي) جاري ڪري ۽ هڪ هفتي جي اندر بين الاقوامي ٽينڊرز گهرايا وڃن ته جيئن ٽن مهينن جي اندر ان رٿا تي ڪم شروع ٿي سگهي. هن ورڪس کاتي کي هدايت ڪئي ته رٿا کي شروع ڪرڻ وقت اريگيشن کاتي کان ماهر ورتا وڃن. فنانشل ماڊل ۽ اسٽرڪچر بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اصولي طور تي حڪومت ايڪوٽي جو 14 سيڪڙو ادا ڪندي جڏهن ته خانگي شراڪتدار ايڪوٽي جو 16 سيڪڙو ڏيندا ۽ 70 سيڪڙي جو قرض هوندو. ان تي چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم چيو ته هن اي ڊي بي سان اجلاس منعقد ڪيو هو ۽ اهي ان رٿا تي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار آهن. وڏي وزير چيو ته مان ڊسمبر 2017ع جي آخر تائين ان جي پيڙهه جو پٿر رکڻ چاهيان ٿو ته جيئن اهو ٽن سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿي سگهي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽماٽرن، بصرن، پٽاٽن ۽ ٻين ڀاڄين جي اگهن ۾ حد کان وڌيڪ واڌ جو سختي سان نوٽيس وٺندي زراعت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته اهي مداخلت ڪندي ٿوڪ فروش جي ڪردار کي گهٽ ڪري ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ وڏي وزير چيو ويو آهي ته ٽماٽر جا اگهه 250 رپيا في ڪلوگرام تائين پهچي ويا آهن ۽ اهو غريب ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر آهي. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ اهو زخيرو ڪندڙ پاران هٿراڌو طور اگهه وڌايا ويا آهن. وڏي وزير گهرو ۽ زراعت واري صوبائي وزير گهرو سهيل انور سيال کي هدايت ڪئي ته هُو ذاتي طور تي ان مامري کي ڏسي ۽ ڀاڄين جي مارڪيٽ ۾ مداخلت ڪري جتي مڊل مين پنهنجي منافعي خاطر حد کان وڌيڪ اگهه واڌايا آهن. هن چيو ته ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ ٽماٽر جي فصل جلد تيار ٿي ويندي آهي انڪري ٺٽي ۽ سجاول مان ڪراچي جي مارڪيٽ ۾ ٽماٽر آڻڻ جا ضروري انتظام ڪيا وڃن ۽ جيڪڏهن ٿي سگهي ٿو ته مڊل مين به ٽماٽر جي فصل ٺٽي ۽ سجاول ضلعن مان خريد ڪن پيا ته پر ان کي لازمي طور تي روڪڻو آهي. وڏي وزير زراعت کاتي تي اهو به زور ڀريو ته اهي ٻين ڀاڄين جي اگهن جي چڪاس ڪرڻ اوري مامري تي به ضرور اپاءَ ورتا وڃن، ڇاڪاڻ ته ڀاڄيون غريب ماڻهن جي خوراڪ ڪو واحد ذريعو آهي. هن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ مارڪيٽ ڪميٽين کي به هدايت جاري ڪئي ته اهي هٿرادو طور تي اگهن ۾ واڌ تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن ٽماٽر ۽ ڀاڄين جي اگهن ۾ هٿراڌو طور تي واڌ ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *