ڀارت افغانستان ذريعي پاڪستان ۾ مداخلت پيو ڪري: خواجه آصف

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت افغانستان ذريعي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، پاڪ افغان سرحد تي جٽادار نگراني اڻٽر آهي. نيويارڪ ۾ ايشيائي سوسائٽيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي ذميواري پاڪستان تي نه ٿي وجهي سگهجي ۽ نه وري اسلام آباد ڪابل ۾ امن قائم ڪرڻ جو ضامن آهي. هن چيو ته  ڪيترائي افغان اھوان پنهنجي مفادن لاءِ پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ جاري رکڻ چاهين ٿا، آمريڪا جنگ سان افغانستان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندو. سندس چوڻ هو ته ڀات افغانستان ذريعي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري پاڪ افغان سرحد تي جٽادار سرحدي نگراني ضروري آهي. خواجه آصف چيو ته ڀارت ۾ 66 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمون آهن ۽ نريندر مودي اڃا تائين گجرات مان ٻاهر نه ڪري سگهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *